اشو آف دي ڊي استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ: سوالنامي ۾ غلطين جو ازالو ڪير ڪندو؟

0
169

آءِ بي اي جي ٽيسٽ ۾ ڪجهه غلط سوالن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي، 45 سيڪڙو مارڪن واري شرط تي به بحث جاري آهي، فاروق احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ بي اي جي 24 سيپٽمبر 2021ع تي ورتل ٽيسٽ ۾ ڪجهه سوال غلط ھئا اميدوارن کي گهرجي ته اھي آءِ بي اي جي وائيس چانسلر کي درخواستون لکن غلط سوالن کي درخواستن ۾ لازمي لکڻو آهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 12 سوال غلط ڏنا ھئا، ان تي ھزارين ڇوڪرن درخواستون لکيون ھيون ان کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن گريس مارڪن جو اقرار ڪيو ھو پر ان ڏينهن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سپريم ڪورٽ بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي عابد بلوچ لکيو ته پي ايس ٽي ان ڏينهن ورتل پيپر ۾ سوال نمبر 72 جو جواب غلط آهي،  غلام شبير سنجراڻي لکيو ته سوال نمبر 75 به غلط آهي، پرنس چاچڙ لکيو ته سوالنامي ۾ جيڪي غلطيون هيون ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ لڪشمڻ سنگهه سوراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هر مضمون ۾ 45 مارڪن واري پاليسي ختم نه ڪئي وئي ته 72 مارڪن وارا به رهجي ويندا. تعليم وارو وزير چيو ته ڪتاب ته ساڳيا آهن نه، پڙهو ها. سائين کان هڪ سوال آهي ته هڪڙو ميڊيڪل جو شاگرد ڪيئن مئٿس حل ڪري سگهندو يا مئٿس وارو بائيولاجي ڪيئن حل ڪري ؟؟؟؟ ڪمپيوٽر اسان جي نائين ڪلاس ۾ سبجيڪٽ هيو پر اسان بائيولاجي پڙهي هئي.مسلمان شاگردن ڪڏهن اخلاقيات پڙهي ئي ڪونه، هنن کي ڪهڙي خبر ته مهاوير ڪيترا سال جنگل ۾ اگهاڙو گهمندو رهيو ؟ يوسف معراج لکيو ته شاگرد ميڊيڪل جو ھجي يا انجنيئرنگ جو، کيس ھر حال ۾ ڏھين درجي تائين رياضي پڙھڻي (سکڻي) آھي ۽ ٽيسٽون ٻڌايل نصاب مان ئي ورتيون ويون آھن. فخر عباس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استادن جي ڀرتي لاءِ پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ آءِ بي اي طرفان ورتي وئي، جنهن ۾ اميدوارن جو مطالبو آهي ته 45 مارڪن وارو شرط ختم ڪيو وڃي، 55 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي. ياسر بلوچ، رونق علي، رضوان ڪٽوهر، محمد اعظم ڏهر، سجاد چانڊيو، سعمران ملاح، نيلم عامر ۽ حرا لکيو ته 40-45 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، فراز بلوچ لکيو ته 50 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، عرفان گبول به پوسٽ شيئر ڪري هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. عليشه ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ليگل انسپيڪٽر به 38 مارڪن تي ۽ هيڊ ماسٽر به 48 مارڪن تي کنيا ويا. پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جو به پاسنگ ريشو گهٽايو وڃي نه ته هزارين سيٽون بچي پونديون.هر تعليمي ڀرتي ۾ 5 سال لڳي ٿا وڃن. نوجوانن جو وقت بچايو وڃي. پاسنگ ريشو گهٽائي سڀئي سيٽون ڀريون وڃن.