سوال/سروي وفاق ۽ صوبي ۾ اتفاق راءِ سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن وٽان هجڻ گهرجي وزيراعظم باقي ملڪ پيرس بڻائي ڇڏيو آهي جو سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر پيو ٺاهي: عوام

0
191

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي شهر ٺهڻ سان ترقي ٿيندي، سنڌ جو وڏو وزير ٻيٽن بابت منصوبي تي نظرثاني ڪري، سياسي اختلاف وساري ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاق ۽ سنڌ کي گڏجي هلڻو پوندو، وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نوان شهر مطلب ته پراڻن وسندين کي ڊاهي پٽ ڪري پوءِ وري نوان شهر ٿا بڻايو؟ ڀلا سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي ڇا ٿو ملي؟ ٻيا سڀ ڪم ٿي ويا باقي رڳو رهيو آهي نوان شهر آباد ڪرڻ سو به سنڌ جي ٻيٽن تي؟ هڪ سازش تحت ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان شهر اڏي سنڌي ماڻهن کي اقيلت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي، وفاقي سرڪار کي سنڌ جي ايڏي ڳڻتي آهي ته پهرئين هو سنڌ مان مهانگائي جو خاتمو ڪرائي، وفاق ۽ صوبي ۾ اتفاق راءِ سٺي آهي پر اها سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن وٽان هجڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان کي صرف سنڌ جا ٻيٽ نظر اچي رهيا آهن، باقي ملڪ کي پئرس ڪري ڇڏيو اٿس؟ وفاق هجي يا سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام جو ڀَلو ڪڏهن ڪونه ٿيندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عاشق ڀٽي لکيو ته وفاق آهستي آهستي سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري رهيو آهي، اي بي رجهو لکيو ته ڏنگي ڀنڊاڙ تي اعتراض باقي بحريا ٽائون تي نه؟ غلام محمد لکيو ته اگر ترقي جي ضمانت ۽ سنڌ جا ملازم ڀرتي ٿين ٿا ته پوءِ شهر ڀلي اڏجن ۽آبادي وڌندي پئي وڃي، ثناءُالله چنا لکيو ته جيڪڏهن وفاق سنڌ ۾ شهر اڏڻ چاهي ٿو ته اتي مقامي ماڻهن کي رهائش ڏني وڃي باقي هڪ سازش تحت ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان شهر اڏي سنڌي ماڻهن کي اقيلت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي، مبين اڄڻ لکيو ته ڪوئلي، گيس ۽ پاڻي مامرن ۾ وفاق ڪهڙي چڱائي ڪئي آهي، ترقي رڳو ٻيٽن ۾ ڇو ٿي نظر اچي ٻيا به کوڙ منصوبا آهن انهن تي ڪم ڪيو وڃي، نياز ڪلوئي لکيو ته اسان ھاڻ سجاڳ ٿي چڪا آھيون سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، آسودومل لوهاڻو لکيو ته هيترا ڏينهن سنڌ جي مخالفت پئي ڪئي اڄ چوي ٿو ته سياسي اختلاف وساري سنڌ جي ترقي جو سوچيون هنن اڳ ئي سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪئي آهي، شفقت ابڙو لکيو ته وفاق جو بھترين قدم آهي سنڌ سرڪار سھڪار ڪري، ممتاز علي سميجو لکيو ته اهو صرف سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جو پلان آهي ڪوئلو گئس تيل معدنيات پر اسان ٻن ويلن لاءِ پريشان آهيون سو وري نوان شهر اڏي اسان کي ڪهڙيون ماکي جون نديون وهائي ڏنيون وينديون، ڌارين کي آباد ڪيو ويندو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته اها وفاق جي چالبازي آهي، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته اهو غلط فيصلو آهي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته وزير اعظم کي اھو اعلان ڪرڻ کپي ته صرف سنڌ جا رھائشي سنڌي ئي اتي رهندا، نياز سومرو لکيو ته وفاق جي نظر سنڌ جي ٻيٽن تي آهي، وفاق سنڌ جي ڪمائي تي پيو ھلي، موٽ رڳو طعنا مهڻا مليا آهن، هادي بخش کوسو لکيو ته اها ترقي ڌارين ماڻھن لاءِ ھوندي سنڌي ماڻھن کي فائدو نه هوندو سنڌ سرڪار کي ٻيٽن جي مالڪي تان هٿ نه کڻڻ گهرجي، ساحل عالياڻي لکيو ته اها وفاق سرڪار کي ڀل آهي، سنڌي اڃا سجاڳ آهن ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏيندا باقي جي وفاقي سرڪار کي سنڌ جي ايڏي ڳڻتي آهي ته پهرئين هو سنڌ مان مهانگائي جو خاتمو ڪرائي، آصف حيدري به سوري ۾ حصو ورتو،جمال الدين چنا لکيو ته وفاق هجي يا سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام جو ڀلو ڪڏهن ڪونه ٿيندو ڇو ته سڀ پنهنجو پيا سوچن، نظير خان مهر لکيو ته عمران خان عوام ڏنو ڇا آهي؟ بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وري چوي ٿو سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏينداسين، شبير ڀوت لکيو ته اتفاق راءِ سٺي آهي پر اها سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن وٽان هجڻ گهرجي، بجار خان جعفري لکيو ته عمران خان جا اليڪشن کان اڳ ڪيل سڀ واعدا ڪوڙا نڪتا، سرفراز لکيو ته اسان وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جي حمايت ڪريون ٿا، شاهد ڏاهري لکيو ته وفاق هر وقت سنڌ کي نشانو بڻائي رهيو آهي، سنڌ تي سياست بند ڪريو، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته وفاقي سرڪار جو فيصلو درست آهي، بشير ميراڻي لکيو ته وزيراعظم عمران خان کي صرف سنڌ جا ٻيٽ نظر اچي رهيا آهن، باقي ملڪ کي پئرس ڪري ڇڏيو اٿس؟، خادم گهراڻو لکيو ته وفاق ۽ سنڌ کي گڏجي هلڻ گهرجي جيڪڏهن ٻيٽن تي شهر ٺهن ته ان جي مالڪي وفاق نه پر سنڌ کي هجي اتي ملندڙ ٽيڪس سنڌ کي ڏنو وڃي سنڌ جي بي روزگارن کي روزي ڏني وڃي، وڪرم مالهي لکيو ته بلڪل نوان شھر اڏڻ گهرجن ته جئين ڪراچي جي آس پاس رھندڙ بيروزگار ماڻھو به روزگار لڳن ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ ترقي ٿيندي، اعجاز حسين لکيو ته ڪنهن قيمت تي ايئن نه ٿيندو، سنڌ تي سنڌين جو حق آهي، وفاق پھرين ڪھڙا واعدا پورا ڪيا آھن؟ ڪوئلو سنڌ مان نڪري ٿو، تيل گيس سنڌ مان نڪري ٿو انهي ۾ سنڌ کي ڇا مليو آهي؟ ڪي پي ٽي، ڪسٽم، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل،ر يلوي ۾ ڪيترا سنڌي آهن؟ وڏا خواب ڏيکارن ٿا ۽ نوڪري پٽيوالي جي به نٿا ڏين. عبدالله ميراڻي لکيو ته نوان شهر مطلب ته پراڻن وسندين کي ڊاهي پٽ ڪري پوءِ وري نوان شهر ٿا بڻايو؟ ڀلا سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي ڇا ٿو ملي؟ ٻيا سڀ ڪم ٿي ويا باقي رڳو رهيو آهي نوان شهر آباد ڪرڻ سو به سنڌ جي ٻيٽن تي! عبدالهادي بڙدي لکيو ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته اها خواري سنڌ سرڪار جي ذمي اچي، قادر بخش زئور لکيو ته ترقي جي نالي تي ڌرتي کسي پئي وڃي، اي ڪيو شاهاڻي لکيو ته ڪراچي جي ويجهو ٻيٽ ڪنهن جي حوالي ڪرڻ دانشمنداڻو فيصلو نه ھوندو، نماڻو نوناري لکيو ته عمران خان حڪومت عوام دشمن آهي، امتياز جمالي لکيو ته اها ترقي ڌارين ماڻهن جي لاءِ هوندي، محمد علي سومرو، عبدالرحمان چانگ، عبدالقدير جوڻيجو به سروي ۾ حصو ورتو، نعمت الله نهڙي لکيو ته نوان شهر ٺهڻ سان روزگار وڌندو غريب ماڻهن کي روزگار ملندو، عاشق حسين لکيو ته اڄ صاف ظاھر ٿي ويو ته سنڌ حڪومت ٻيٽن تي سنڌ جي ملڪيتن جي ڀرپور مالڪي ڪئي آھي، انتظار حسين ڦل لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، اظهر علي لکيو ته وزيراعظم عمران خان صحيح ٿو چوي سنڌ ترقي ڪندي، حاجي خان پنهور لکيو ته وفاق توڙي صوبائي سرڪار هر کاتي ۾ سنڌين سان ظلم ڪيو آهي، صابر حسين ڪٽوهر لکيو ته وفاق هجي يا سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام جو ڀَلو ڪڏهن ڪونه ٿيندو، تنها قادر سنڌي لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، محمد اسحاق لوهار لکيو ته وزيراعظم جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ گهرجي، غلام رسول راهمون لکيو ته نوان شهر اڏڻ گهرجن، مسرور شر لکيو ته وفاق پنهنجو فائدو ٿو ڏسي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته ڌاڙي جا نوان طريقا آهن، واحد بخش لکيو ته نوان شهر اڏڻ سان روزگار ملندوم ببلو جروار به سروي ۾ حصو ورتو.