عمر شريف کي کڻي ويندڙ ايئر ايمبولينس ۾ فني خرابي، آمريڪا روانگي ۾ دير

0
206
ايئر ايمبولينس ۾ فني خرابي

ڪراچي(م ڊ) معروف اداڪار عمر شريف جي جرمني کان آمريڪا روانگي ۾ وڌيڪ دير ٿي وئي، پاڪستان کان آمريڪا کڻي ويندڙ ايئر ايمبولينس ۾ فني خرابي ٿي پئي.

ايئرايمبولينس جي طور تي استعما هيٺ جهاز نائٽ لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف نٿو ڪري سگهي ان جي ڪري اڳتي جي سفر لاءِ جرمني جي شهر نيورمبر ۾ ايئر ايمبولينس جهاز تبديل ڪيو پيو وڃي.

عمر شريف جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر شريف جي طبيعت بهتر آهي ۽ هو نيورمبرگ جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

ايئر ايمبولينس ڪمپني ذريعن موجب هن فلائٽ جي لاءِ آپريٽ ڪرڻ وارو بمبارڊيئر چيلينجز 604 جهاز جرمني ۾ رجسٽرڊ آهي جيو اڏام لاءِ مڪمل طور تي محفوظ آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز جي مين لائٽ ۾ اڳ ۾ ئي ٽيڪنيڪل فالٽ آهي جنهن جي بنياد تي جهاز ۾ نائٽ لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف جي سهولت عارضي طور تي دستياب ناهي.

هي جهاز پنهنجي هوم ڪنٽري جرمني ۾ آهي ان جي ڪري ٽيڪنيڪل خرابي کي ٺيڪ ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته خرابي ٺيڪ ٿيڻ تي جهاز اڳتي جو سفر جاري رکندويا عمر شريف کي آمريڪا پهچائڻ لاءِ ڪمپني ٻيو جهاز فراهم ڪندي، ان جي ڪري عمر شريف جي سفر ۾ دير ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏيهن عمر شريف کي ڪراچي کان آمريڪا کڻي ويندر ايئر ايمبولينس ۾ سفر دوران ٿڪاوٽ جي ڪري جرمني ۾ وڌيڪ طبي معائني ۽ ريسٽ لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

 

ھي به پڙھندا

عمر شريف کي ايئر ايمبولينس کڻي آمريڪا رواني