اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڳالهين ۾ چونڊن جي گارنٽي نه پئي ڏي، چاهيان ٿو نواز شريف اچي ۽ چونڊن ۾ مقابلو ڪري، لانگ مارچ آڪٽوبر ۾ ئي ٿيندو، آرمي چيف جي مقرري قومي سلامتي لاءِ اهم آهي، نواز شريف ۽ زرداري نٿا ڪري سگهن، سنڌي قوم پرستن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر چورن سان نه ٿينديون. پارٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته ضمني چونڊون پلان ڪيل هيون، اليڪشن ڪميشن ن ليگ سان گڏجي فيصلو ڪيو ته جيڪي اسان جا تڪ ڪمزور هئا جتي هو سمجهي رهيا هئا ته هنن جو گڏيل ووٽ اسان کان ٻيڻو آهي انهن تڪن ۾ ئي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو پلان ڪيو ويو، اصولن تحت سمورن تڪن ۾ چونڊ ٿيڻ گهرجي ها، هنن ضمني چونڊ گڏجي وڙهي، قوم ۽ ووٽرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن حڪومت جي گڏيل اميدوارن کي شڪست ڏني، مون جنهن ڪراچي جي تڪ تي هارايو آهي اسان وٽ سمورا ثبوت موجود آهن ان تڪ تي پيپلز پارٽي کليل نموني سان ڌانڌلي ڪئي پيپلز پارٽي هميشه سنڌ ۾ ڌانڌلي ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ سنڏ جو ميمبر حڪومت جي پيرول تي آهي، اسان ان خلاف عدالت ۾ وينداسين، مطالبو ڪريان ٿو ته ڪراچي جي ملير واري تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي، هي چونڊون نه هيون، هي ريفرنڊم آهي، ووٽرن کي معلوم هو ته اسان کي اسيمبلي ۾ ناهي ويهڻو، هنگو ۾ ضمني چونڊ ٿي هئي ته اسان جي اميدوار چونڊ مهم دوران اهو چيو هو ته مان اسيمبلي ۾ نه ويهندس، پوءِ به اهو ڪامياب ٿيو هو، ضمني چونڊن ۾ اسان کي قوم ووٽ ڏنو جنهن جو مطلب آهي ته قوم عام چونڊون چاهي ٿي، هن چيو ته  ساڍن 3 سالن کان چئي رهيو هئس ته هي مون کان هڪ ئي شئي اين آر او گهري رهيا آهن جيڪو مان کين نه ڏيندس، پرويز مشرف به هنن کي اين آر او ڏئي ملڪ کي نقصان ڏنو، جڏهن ملڪ مٿي وڃي رهيو هو ته وري هنن کي مسلط ڪيو ويو آهي ۽ کين وري اين آر او ڏنو ويو آهي،  عمران خان چيو ته مان جڏهن آمريڪا ويو هئس ته منهنجي وفد کي جيڪا عزت ملي هئي ڪنهن کي نه ملي هئي، ڀلي جنرل باجوا کان پڇي ڏسو، بلاول ڀٽو پرڏيهه جا دورا ڪري رهيو آهي، سنڌ جو برو حال آهي پر هو پرڏيهي ملڪن جا چڪر لڳائي رهيو آهي، هنن جي ڊپلوميسي جو ملڪ کي ڪهڙو فائدو پيو آهي، جوبائيڊن پاڪستان بابت خطرناڪ ڳالهه ڪئي آهي، ان چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو خطرناڪ هنڌ آهي، ان سان گڏ هن پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي ڳالهه ڪري ڇڏي، اهو پاڪستان خلاف پراڻو پروپيگنڊا هلي رهيو آهي، هن چيو ته  سياسي استحڪام کانسواءِ معيشت ٺيڪ نه ٿيندي، اسحاق ڊار پاڻ هڪ وڏو مجرم آهي، 2000ع ۾ هن مئجسٽريٽ وٽ پاڻ بيان ڏنو هو ته مان شريف خاندان لاءِ مني لانڊرنگ ڪندو هئس، هي ملڪ کي نٿا سنڀالي سگهن هنن وٽ ڪو رستو ناهي، چونڊن کان ڊڄي رهيا آهن سمورن گڏجي به چونڊ وڙهي ڏٺي نتيجو سامهون آهي، هي ملڪ کي تباهي طرف ڌڪيندا رهندا پر چونڊون نه ڪرائيندا، مان هنن کي وري وقت ڏيان ٿو منهنجو لانگ مارچ آڪٽوبر کان اڳتي نه وڌندو، آڪٽوبر مهيني ۾ ڪنهن به وقت لانگ مارچ جو اعلان ڪندس، هنن کي وقت ڏيان ٿو، پاڻ کي بچائيندي ملڪ کي تباهه نه ڪن، هي هنن لاءِ وقت آهي عام چونڊن جو اعلان ڪن، اگر عام چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويندو ته مان لانگ مارچ ڪندس جنهن جي تياري مڪمل آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري عوام ناهي نڪتي جيتري هن لانگ مارچ ۾ نڪرندي، اوهان کي وٽ ڪجهه ڏينهن آهن ٻي صورت ۾ مان لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيندس، عوام روڊن تي اچي وئي ته ان کان پوءِ ڪنهن وٽ ڪو طريقو ناهي ته ان کي ڪيئن روڪيندو، جڏهن مارچ جو اعلان ڪيو ۽ عوام ٻاهر نڪري آئي ته اهو ياد رکيو وڃي ته پوءِ ڪو به گارنٽي نه ٿو ڏئي سگهي ته ان جو ڪهڙو نتيجو ايندو، لانگ مارچ ڪرڻ جو مامرو آڪٽوبر کان اڳتي نه وڌندو، اسان جي تياري مڪمل آهي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندس، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن وقت مذاڪرات ٿي به رهيا آهن ۽ نه به ٿي رهيا آهن، بيڪ ڊور جيڪي به ڳالهيون ٿيون آهن پر شيون ڪليئر ناهن، مون کي معلوم آهي ته شيون ڇو ڪليئر نه ٿيون آهن، نواز شريف چونڊن کان ڊنل آهي اهو جيستائين فيصلو نه ڪندو تيستائين چونڊون نه ٿينديون، ان کي خوف آهي ته چونڊون ٿيون ته هو هاري ويندو، هو چاهي ٿو ته مامري کي ائين اڳتي وڌائجي ڀلي ملڪ جو ٻيڙو غرق ٿئي، ملڪ جو ٻيڙو غرق ٿيڻ سان نواز شريف کي ڪو فرق نه ٿو پوي، هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته نواز شريف اچي چونڊن ۾ اسان جو ان سان مقابلو ٿئي پر انهن جي چوري معاف ڪرڻ بابت سوچيو وڃي ته پوءِ جرم ڪا وڌي شئي تصور نه ٿيندو مون کي لڳي ٿو ته جيڪو هنن کي اين آر او مليو آهي هو ڪيسن مان ائين ئي بري ٿي ويندو، پر نواز شريف ايترو ڊڄڻو آهي، هو جڏهن راند کيڏندو تڏهن به پنهنجو آڻڻ کان پوءِ کيڏندو هو، نواز شريف نيوٽرل امپائر سان گڏ ڪڏهن کيڏي نه ٿو سگهي، ڪير چاهيندو آهي ته پنهنجي ملڪ جي ادارن سان توهان جو مقابلو هجي، اهو ملڪ جو نقصان آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو ڪنهن به اداري عدليه هجي يا فوج سان ٽڪراءَ ٿئي ٿو اهو ملڪ جو نقصان هجي ٿو، اسان کي ڪيترائي ڀيرا ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي، ديوار سان لڳايو ويو آهي پر مون پوري ڪوشش ڪئي آهي ته اسان ڪا به اهڙي شئي نه ڪيون جنهن سان اسان جي ادارن کي نقصان پهچي، هن ان سوال جي جواب ۾ ته اگر لانگ مارچ دوران ڪنهن ٽئين ڌر فائدو ورتو ۽ جمهوريت کي نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو جو جواب ڏيندي عمران خان چيو ته ان جا ذميوار هي چور حڪمران هوندا، اسان جو لانگ مارچ پرامن احتجاج هوندو، آئين اسان کي حق ڏئي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ڪنهن به صورت ۾ نواز شريف جهڙي مجرم جنهن جا ملڪ کان ٻاهر اثاثا پيا آهن، مني لانڊرنگ ڪري پيسا ٻاهر کڻي ويو آهي، آرمي چيف جي عهدي جي قومي سلامتي جي حوالي سان اهم مقرري آهي اها مقرري نواز شريف ۽آصف زرداري جنهن کي سڄي دنيا 10 پرسنٽ چوي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته هو 10 پرسنٽ کان وڌيڪ چوري ڪندو آهي، ڇا اهي ملڪ جي آرمي چيف جي مقرري لاءِ ڪواليفائيڊ آهن، آرمي چيف ميرٽ تي مقرر ٿيڻ گهرجي، نه اهو عمران خان جو ماڻهو هجي نه ئي ڪنهن ٻئي جو ماڻهو هجڻ گهرجي سڄي دنيا ۾ ميرٽ تي مقرري ٿيندي آهي پر هنن کي پنهنجا جج کپن، پنهنجو آيف آءِ اي، نيب جو سربراهه گهرجي، حڪومت دوران نيب اسان جي هٿ ۾ نه هئي.