اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله عمران خان جي لانگ مارچ کي پوري طاقت سان منهن ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي جو مطلب اهو ناهي ته اوهان کي اسلام آباد تي چڙهائي جو لائسنس ملي ويو، جيڪڏهن جٿو اسلام آباد ايندو ته پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، اٽي دال جو ملهه معلوم ٿي ويندو، پريس ڪانفرنس ڪندي اهو به چيو ته مقرريون ۽ اليڪشن جٿن ذريعي ٿيندي ته آئيني مدت جو ڪو جواز نه هوندو، رانا ثناءُالله چيو ته عمران کي اليڪشن گهرجي ته پارليامنيٽ ۾ اچي، ٽيبل تي ڳالهيون ڪري، هن چيو ته عمران کي ووٽ واپڊا جي ڳرن بلن جي ڪري مليا، صوبائي حڪومت جي مدد به حاصل هئي، عام چونڊن ۾ اوهان کي صوبائي حڪومتن جي مدد حاصل نه هوندي، رانا ثناءُالله چيو ته ماڻهن کي اميد هئي ته زندگي آسان ٿيندي، اسان عوام جي اميدن تي پورا نه لٿاسين، اسان به چاهيون ها ته آر ٽي ايس ويهي رهي ها، گهڻو ڪجهه ٿي وڃي ها، ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ جي قيادت نواز شريف ڪندو. رانا ثناءُالله چيو ته عمران خان جون اسان سان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.