ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاها چاڙها جاري رهيا جنهن بعد 53 پوائنٽن جي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه تيزي رهي، 100 انڊيڪس 43 هزار 883 پوائنٽن تي بند ٿيو ۽ 43 هزار 850 جي نفسياتي حد بحال ٿي وئي. ڪالهه 18 ڪروڙ 86 لک 47 هزار 708 شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.