اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ  آڏيجو تڙ ۾  ڀيلن جي  ٻنيءَ ۾ ٻڪريون گهڙڻ تان ڀيل برادري جي ماڻهن ۽ اوٺا برادري جي ماڻهن ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾  لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ عورت ميران ٻائي زال ڀڳڙو، سندن پٽ ڏيارام ۽ مڙس ڀڳڙو زخمي ٿي پيا جن کي اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو ويو. جتان سمورن زخمين کي وڌيڪ ڌڪ هجڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. آخري اطلاعن موجب واقعي جو  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.