ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ويجهو ڳوٺ الهه اوڀايو پهنور ۾ مبينا  طور چوري معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا مرد ۽ عورتون رتورت ٿي ويا، زخمين ۾ مسمات فاطمه، محمد حسن، ابراهيم، ماجد علي ۽ مور  خان شامل آهن، اطلاع تي ڦلجي پوليس پهچي وئي، پوليس موجب مور پنهور جي چوري ٿي هئي جنهن تان مور رپورٽ داخل ڪرائي ته جهيڙو ٿيو، ٻنهي ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي علاج لاءِ دادو روانو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.