لاڙڪاڻو/شهدادڪوٽ (نمائندن وٽان) شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ جهنگ ۾ نوجوان غازي خان پٽ عبدالغني کوسو پيءُ سان  ڪاوڙجي پاڻ مٿان فائر ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارث کڻائي چانڊڪا اسپتال پهتا جتي فوت ٿي ويو. وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پيءُ عبدالغني کوسو ٻڌايو ته پٽ معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪيو. هن الزام لڳايو ته اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن پٽ جو بهتر علاج نه ڪيو جنهن ڪري هو اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.