ٽنڊو ڄام (ن پ ا)  ٽنڊوڄام اسپتال ۾ ڄامشورو  پوليس جو مخبر سڏرائيندڙ شخص اڪرم کوسو زخمي حالت ۾ پھتو. جتي ٽنڊوڄام پوليس سامھون ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ۽ ٽنڊوڄام پوليس کي گار گند ڪندو رھيو. جڏھن ته پوليس سندس آڏو بي وس بڻيل رھي. زخمي شخص جو چوڻ ھو ته ڄامشورو پوليس جو مخبر آھيان، ھتي مائٽن وٽ آيو ھئس، سرعام منشيات ھلي رھي آھي، منشيات ھلائيندڙ پوليس اھلڪار ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ۽ ايس ايچ او ٽنڊوڄام ممتاز ٿيٻو کي گارگند ڪئي وئي جنھن تي منع ڪرڻ تي مون کي رتو رت ڪيو ويو آھي. بالا آفيسرن کي گارگند ڪرڻ تي آئون وڙھيس پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ۽ راڄوڻي ڪري مسئلي کي لئي مٽي ڪرڻ چاھي ٿي. ٻئي پاسي ٽنڊوڄام پوليس جو چوڻ آھي ته زخمي شخص پنھنجي ھڪ عزيز گڏ شراب پي نشي ۾ ھڪ ٻئي کي شراب جو بوتلون ھنيون آھن، جنھن سبب شخص زخمي ٿيو آھي زخمي حالت ۾ پهتل شخص ٽنڊو ڄام پوليس کي ڳچي پئجي ويو، ٽنڊو ڄام پوليس کيس منٿون ڪندي رهي.