حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڏات ڌڻين ۽ تعليمي ماهرن چيو آهي ته نواب حيدر علي لغاري  ۽ شمس الدين عرساڻي عظيم استاد هئا. سندن علمي ۽ ادبي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. شمس الدين عرساڻي وڏو اديب هو. هن 20 ڪتاب لکيا.  اهڙو اظهار هنن هوا آرٽسٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ، حيدر علي لغاري يادگار ڪاميٽي پاران اوسر پيڙڪا ۽ ثقافت کاتي جي سهڪار سان نامياري استاد ۽ ليکڪ حيدر علي لغاري ۽ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ياد ۾ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ”تنقيد ۽ دانائي جو امتزاج“ جي عنوان سان منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ شمس الدين عرساڻي جو ڪتاب مختصر ڪهاڻي جو فن ۽ اسلوب ۽ حيدر علي لغاري جو ڪتاب لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلاجو مهورت ڪيو ويو. تقريب کي اسرار لغاري، ڊاڪٽر الطاف جوکيو، مسرور شاهه، سلام انڙ، علي دوست عاجز، شوڪت اڄڻ، سنديا عرساڻي، نثار لغاري، مٺو مهري، شهناز راهو، الطاف ميمڻ، درشن سچديو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حيدر علي لغاري سادي طبيعت جو مالڪ هو. هن غريب ماڻهن جي وڏي مدد ڪئي. هنن چيو ته شمس الدين عرساڻي سنڌي ٻولي جي جهان ۾ لوڪ ادب جي لفظن جي ڳجهه ۾ هٿ وڌو. تقريب جي شروعات ۾ انو سولنگي ڀٽائي جي وائي پيش ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ ناميارن فنڪارن سر به وکيريا.