اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس ۾ ملازمت جي خواهشمند نوجوانن لاءِ سٺي خبر آهي ته اسلام آباد پوليس ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي 1967 جاين تي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڀرتي لاءِ نظرثاني ٿيل اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين او سي موجب ڀرتي جو عمل ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو.