نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ڀرسان همراهه غربت کان تنگ اچي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته همراهه جي برسات دوران گذر سفر جو واحد ذريعو هڪ مينهن هئي جيڪا برسات دوران مري وئي هئي، خبر موجب ڳوٺ محمد عثمان کوسو جي رھواسي 48 سالا ولي محمد کوسو غربت کان تنگ اچي گهرن ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ابڙان پوليس پهچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش لاهي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته برسات سبب سندن گھر  ڊھي پٽ پئجي ويو هو، هنن ٻڌايو ته زندگيءَ جو گذر سفر جو ذريعو سندن هڪ مينھن هئي جنهن جو کير وڪرو ڪري هو گذارو ڪندو، جيڪا مينهن برسات سبب مري وئي هئي، جنهن ڪري هن آپگهات ڪيو،