اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد  مان پناهگاهون ختم ڪرڻ ۽ روزگار اسڪيم ختم ڪرڻ واري مامرو جو قومي اسيمبلي جي غربت جي خاتمي واري ڪاميٽي نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڪاميٽي ايندڙ هفتي اجلاس ۾ غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه مري ۽ چيئرمين سي ڊي اي کي طلب ڪري ورتو آهي، ڪاميٽي چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي به رڪارڊ سميت طلب ڪيو آهي، ڪاميٽي جي چيئرپرسن سائره بانو چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪنهن جي حڪم تي خود روزگار اسڪيم ۽ پناهگاهون ختم ڪيون ويون، احساس پروگرام تحت روزگار ڪمائڻ وارن سوين ريڙهي وارن کي بي روزگار ڪيو ويو، هڪ ريڙهي وارو روزگار کسجڻ سان دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.