اسلام آباد (بيورورپورٽ) سينئر صحافي ۽ پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ابصار عالم ايف اليون پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو ته اڻ ڄاتل شخص مٿس فائرنگ ڪري ڏني، کيس گولي پيٽ ۾ لڳي آهي ۽ اتي موجود ماڻهن کيس اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال نيندي ابصار جي وڊيو به رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ هن چيو ته مون کي لڳو ته هڪ اڻ ڄاتل شخص مون ڏانهن اچي رهيو آهي پر هن مون تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ فرار ٿي ويو. ابصار عالم پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته حملو ڪندڙ جي عمر 27-28 سال هئي گهر ويجهو پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هيس تي اهو شخص اڳ ۾ ئي پارڪ ۾ موجود هو، هن پستول ڪڍي مون تي فائر ڪيو، پيٽ ۾ کاٻي پاسي گول لڳي دوستن اسپتال پهچايو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ابصار عالم تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ابصار تي حملو ڪندڙ قانون کان بچي نه سگهندا، جلد قانون جي پڪـڙ ۾ ايندا، اطلاعات واري وزير فواد چوڌري به حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته تفصيل ميڊيا جي سامهون رکيا ويندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حملي جي مذمت ڪئي آهي.