ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڍا 11 ڪروڙ پاڪستان جي حساس ڊيٽا چوري ٿيڻ بابت درخواست تي منسٽري انفارميشن پاران آف جواب جمع ڪرائڻ بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل معاملي تي حتمي مشاورت هلي رهي آهي، ان حوالي سان پي ٽي اي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ڪورونا سبب اڌ اسٽاف اچي رهيو آهي ان ڪري ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿي رهيو آهي، جنهن تي درخواستگذار چيو ته وفاقي حڪومت پاران پهريان به ڪيترائي ڀيرا مهلت طلب ڪري چڪي آهي، انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنين وٽ ڊيٽا سرور ئي ناهي، جنهن بعد عدالت قانون سازي بابت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته منسٽري آف انفارميشن پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊيٽا پروٽيڪشن بابت پيڪا جو قانون موجود آهي ۽ اهو قانون ڊيٽا تائين غيرقانوني رسائي بابت آهي، جواب ۾ ڄاڻايو ويو ته ذاتي ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ عالمي قانونن جي روشني ۾ الڳ قانون جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري شعبي سميت عوامي ادارن ۽ ٻين اهم شعبن کي ڊيٽا پروٽيڪشن لاءِ قانون تمام ضروري آهي، جواب ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڊيٽا پروٽيڪشن بابت بل جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهو نظر ثاني جي مرحلن ۾ آهي، نظرثاني بعد ڊرافٽ بل قانون ۽ انصاف واري وزارت کي اماڻيو ويندو.