لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سينئر صحافي ابصار عالم تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ابصار تي قاتلاڻو حملو ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي، هو جمهوريت ۽ سولين بالادستي لاءِ اٿندڙ بهادر ۽ حق تي ٻڌل آواز آهي، صحافت جو گلو گهٽيندڙ انهن ڏوهارين کي فوري طور تي قوم جي سامهون آڻي عبرت جو نشان بڻايو وڃي، الله ابصار کي صحت ڪاملا ۽ حفظ ۽ امان ۾ رکي. ٻئي طرف مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ چيو ته اختلاف رکندڙ آواز کي خاموش ڪرڻ اهڙو ڪينسر آهي جيڪو هن ملڪ کي ڪيترن ئي سالن کان کائي رهيو آهي، ابصار عالم ان ظالماڻي ۽ بربريت واري ڏوهه جو تازو شڪار آهي، الله تعاليٰ ابصار عالم ۽ هن ملڪ جا زخم ڀري.