اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 14 سالن کان پوءِ شاهراهه دستور تي نئين عمارت ۾ منتقل ٿي وئي، اسلام آباد جي جي ٽين جي عمارت ۾ هاءِ ڪورٽ جو ڪالهه آخري ڏينهن هو، سومر ڏينهن تي شاهراهه دستور تي تعمير ٿيل نئين عمارت ۾ عدالتون لڳيون، ذريعن موجب هاءِ ڪورٽ جي جي ٽين واري عمارت فيملي ڪورٽس، ماتحت عدالتن جي ججز جي ڪورسز لاءِ استعمال ٿيندي، نئين عمارت ۾ پيئڻ جو پاڻي به دستياب نه آهي، وڪيل شهباز کوسه چيو ته نئين عمارت ته اربين رپين جي لاڳت سان ٺهي پر وڪيلن لاءِ بار روم به نه ٺاهي وئي آهي، نئين عمارت ۾ وڪيلن، سائلين ۽ ميڊيا جي لاءِ ويهڻ جي جاءِ به نه آهي.