لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب ۾ نگران حڪومت کي رڪم کان روڪڻ جي درخواست تي وفاق ۽ گورنر کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نگران حڪومت کي ڪم کان روڪڻ ۽ غير آئيني قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت سميت گورنر پنجاب کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اليڪشن جي تاريخ جو اعلان نٿو ٿئي ته حڪومت ڪير هلائيندو؟  جنهن تي ايڊووڪيٽ اظهر صديق چيو ته اليڪشن نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڳوڻو وزيراعليٰ ئي برقرار رهندو. درخواستگذار چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت ڄاڻي واڻي چونڊون نه ڪرائي رهيا آهن لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ گورنر پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.