لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) سينٽرل جيل لاڙڪاڻو مان سرڪاري لوهه چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيل جي گيٽ تي مقرر پوليس اهلڪار ۽ جيل اندر مقرر پوليس اهلڪارن ۾ معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جيل مان لوهه جو ڀريل ٽريڪٽر جيئن ئي گيٽ تي پهتو ته اتي مقرر اهلڪار ان کي روڪي ورتو، ٽريڪٽر روڪڻ تان پوليس اهلڪار ذوالفقار شاھ ۽ ٻين لٺين ۽ مڪن جو وسڪارو لائي گيٽ تي مقرر پوليس اهلڪار عشرت شاهه کي رتورت ڪري ڇڏيو، تشدد جو نشانو بڻيل اهلڪار عشرت شاهه ٻڌايو ته جيل سپريٽينڊنٽ جا خاص پوليس اهلڪار سرڪاري لوهه جو ٽريڪٽر ڀري گيٽ تي پهتا ته انهن کي روڪيو، جنهن تان هنن مون مٿان تشدد ڪيو، هن چيو ته منهنجي گيٽ تي ڊيوٽي آهي، لوھ ٻاهر کڻي وڃڻ واري ليٽر بابت پڇاڻو ڪيو ته پوليس اهلڪار ذوالفقار موريو، امتياز کوسو، همت جاگيراڻي ۽ ٻيا مڇرجي پيا ۽ تشدد ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي جيل سپريٽينڊنٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيد عشرت شاهه جي ڪراچي بدلي ڪئي آهي، ان ڪري الزام هڻي رهيو آهي.