اسلامو فوبيا ناقابل قبول آهي: جسٽن ٽروڊو

0
482
اسلامو فوبيا ناقابل

ڪراچي (م ڊ) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته اسلامو فوبيا ناقابل قبول آهي، ان نفرت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪينيڊا جي وزيراعظم چيو ته اسان کي ان نفرت آميز عمل کي مڪمل طور بند ڪرڻ گهرجي ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ پنهنجي برادرين کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻو پوندو

جسٽن ٽروڊو چيو ته ن مقصد لاءِ اسان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خاص نمائندو مقرر ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا

ان کان اڳ ڪينيڊا جي وزيراعظم کان اڳ روسي ولادي مير پيوٽن اسلامو فوبيا خلاف تقرير ۾ چيو هو ته پيغمبر اسلام جي توهين اظهار جي آزادي ناهي

ھي به پڙھندا

عمران خان جو ڪينيڊين وزيراعظم جي اسلامو فوبيا بابت بيان جي واکاڻ