نئون ديرو ( ن پ ا) نئين ديري جي شاهي بازار  ۾ ڪپڙي جي واپاري پرمون مل جي گهر تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي پاڙيسري پهچڻ تي فرار ٿي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ واپاري جا گهر ڀاتي محفوظ رهيا. واپاري دڪان تي موجود هو، جڏهن ته گهر ۾ فقط عورتون موجود هيون. ايس ايچ او نئون ديرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هٿياربندن گهر جي مک دروازي کي ٻه گوليون هنيون آهن ڪو به نقصان ناهي ٿيو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.