عمران خان جو ڪينيڊين وزيراعظم جي اسلامو فوبيا بابت بيان جي واکاڻ

0
327
عمران خان جو ڪينيڊين

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي اسلامو فوبيا جي حوالي سان مذمتي بيان جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو آهي ته اسلامو فوبيا خلاف ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون

وزيراعظم پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته جسٽن ٽروڊو منهنجي مطالبي جي حمايت ڪئي جنهن لاءِ مان لڳاتار آواز اٿاري رهيو آهيان، اسلامو فوبيا جي خلاف اسان کي گڏجي ڪوششن کي تيز ڪرڻو پوندو ۽ جسٽن ٽروڊو پاران اسلامو فوبيا خلاف خاص نمائيندو مقرر ڪرڻ سٺو عمل آهي

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته اسلامو فوبيا بابت وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون رنگ لائي رهيون آهن

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر فيصل جاويد خان لکيو ته دنيا هاڻي اسلام فوبيا خلاف آواز اٿاري رهي آهي

هن چيو ته روسي صدر کانپوءِ ڪئناڊا جي وزيراعظم پاران اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو سٺي ڳالهه آهي

سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪينيڊين حڪومت جي حڪمت عملي جو هڪ حصو بڻجي چڪي آهي

ياد رهي ته ڪينيڊا کان اڳ روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ بيان ۾ چيو هو ته پيغمبر اسلام صه جي توهين اظهار جي آزادي ناهي