ننڍپڻ ۽ پروفيشنل زندگيءَ ۾ جنسي طور هراسان ڪيو ويو: عائشا عمر

0
167
ننڍپڻ ۽ پروفيشنل

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عائشا عمر انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي ڪاليج ۾ هڪ شخص سان محبت ٿي هئي جيڪو اڄ سندس سٺو دوست آهي. عائشا عمر خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام جي مهمان بڻي جنهن ۾ هن مختلف سيگمينٽس ۾ دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا

عائشا عمر اعتراف ڪيو ته مون کي به ڪاليج ۾ محبت ٿي هئي، منهنجي محبت هڪ طرفي نه هئي ۽ سڄي ڪاليج کي خبر هئي پر هن جي شادي ٿي وئي ڇو جو آئون ان وقت شادي لاءءِ رضامند نه هيس. اداڪارا ٻڌايو ته هن بابت ڪو به نٿو ڄاڻي، هن وقت هو منهنجو سٺو دوست آهي.  هوڏانهن ويب شو ۾ عائشا عمر انڪشاف ڪيو ته ننڍپڻ ۾ پاڙيسري جي ملازم هراسان ڪيو ڇو ته والدين هميشه گڏ ناهن رهندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن کي پروفيشنل زندگيءَ ۾ به پاڻ کان وڏي ۽ طاقتور مرد طرفان جنسي طور تي هراسان ڪيو ويو ۽ ايئن صرف هڪ ڀيرو نه ٿيو.