اسرائيل جا فلسطين تي حملا جاري، شھيدن جو انگ 140 ٿي ويو

0
399

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسرائيل ۽ فلسطين ۾ ڇڪتاڻ دوران پنجين ڏينهن به بمباري جو سلسلو جاري آهي، هيل تائين حملن ۽ بمباري ۾ 140 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته شام ۽ لبنان مان اسرائيل تي جوابي حملن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب شام مان اسرائيل تي 3 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، لبنان مان فائر ٿيل راڪيٽ حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي. فلسطين جي غزه پٽي ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۽ بربريت جَي نتيجي ۾ 31 ٻارن ۽ 15 عورتن سوڌو شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 140 ٿي ويو آهي، جڏهن تھ سوين ماڻھو زخمي پڻ ٿيا آھن، رات دير سان اسرائيل جي بمباري سبب ھڪ ئي خاندان جا 10 ڀاتي پڻ شھيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج جَي حملن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مِٽي جَي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ هر پاسي تباهي جا منظر نظر اچي رهيا آهن. فلسطين مان حماس به اسرائيل خلاف جوابي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، جنهن جَي نتيجي ۾ اسرائيلي شهرين جَي مارجڻ جا به اطلاع سامهون اچي رهيا آهن، پر اسرائيلي اختيارين جاني نقصان جي تصديق ناهي ڪئي. هوڏانهن شام ۽ لبنان مان اسرائيل تي تقريبن 6 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل لبنان ۽ شام مان فائر ٿيل اڪثر ميزائل آسمان ۾ ئي ناڪارا بڻائي ڇڏيا، پر ڪجهه ميزائلز هدف کي نشانو بڻايو آهي. اسرائيل دعويٰ ڪري رهيو آهي ته سندس ڊوم ميزائل سسٽم شام، لبنان ۽ فلسطين مان فائر ٿيندڙ ميزائل کي هدف کان اڳ ئي تباهه ڪري رهيو آهي.