فلسطين تي اسرائيلي جارحيت: پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران مذمت

0
321

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب ۽ پاڪستان فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جِي مذمت ڪندي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان جَي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جَي هم منصب فيصل بن فرحان سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران فلسطين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن فلسطين تي اسرائيلي حملن جِي مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته اسرائيلي بربريت تي عالمي ادارن کي نوٽيس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. سعودي وزير فيصل بن فرحان پاران فلسطين بابت سعودي عرب جَي کنيل قدمن تي شاهه محمود قريشي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسرائيلي فلسطينين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان فلسطينين جي حمايت جاري رهندو.