شڪارپور پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن، سپيڪو جي رٽائر ملازم کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
277

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور پوليس ڪچي ۾ آپريشن دوران سپيڪو جي رٽائر ملازم کي بازياب ڪرائڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز موجب ڪچي ۾ ڏوهاري مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي مقابلو ڪيو. ايس ايس پي موجب مقابلي بعد هٿياربند مغوي سيپڪو جي رٽائر ملازم عبدالمجيد سرڪي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. واضح رهي ته عبدالمجيد سرڪي لکي غلام شاهه مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويو هو، جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين علائقن مان اغوا ڄاڻايل مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، جن جَي وارثن عيد ڏهاڙي به هنجون هاري پنهنجي پيارن جي بازيابي جي التجا ڪئي.