خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ناليواري تعليمي ماهر، اديب استاد غلام الله ڀٽو سان بزم بچل شاهه بادشاهه پاران درگاهه بچل شاهه بخاريءَ جي اڱڻ تي رهاڻ رچائي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ناليواري براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر مختيار ملڪ چيو ته ڪنهن استاد جي شان ۾ ڪجهه لفظ ڳالهائڻ هر شاگرد لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. استاد غلام الله ڀٽو پنهنجي ڪهاڻين جي صورت ۾ شاگردن جي جنهن نموني رهنمائي ڪئي، اها هر قدم تي روشني ثابت ٿي آهي. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، مصطفيٰ شاهه، ساگر صفي الله شر، ميان غلام حسين فاتح ميراڻي، سڪندر علي جويو، محمد بخش جويو، خالد شيخ، فياض عباسي، محبتي مهيسر، الطاف راجا، گوهر گدائي، انور پرديسي، ۽ ٻين پڻ استاد غلام الله ڀٽو جي علمي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي. ان موقعي تي ناليواري اديب ۽ شاعر مختيار ملڪ، ساجد حسين شاهه، محمد بخش جويو، استاد سڪندر علي جويو ۽ ٻين کي پڻ اعزازي شيلڊون ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.