لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ٽائون ڪاميٽي حيدري جي يوسي چار جي يوسي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ شفيق احمد چانڊيو جي فرياد تي شهر جي وليد ٿاڻي تي گسٽا ضلعي صدر اڳواڻ جي ايم ابڙو ۽ ٽن اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڀتو گهرڻ، ڌمڪين ۽ قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جنهن ڪيس ۾ پوليس گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو پنهنجي وڪيل معرفت لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪالهه ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندي 60 هزار روپين عيوض گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو جي ضمانت منظور ڪري ورتي. هوڏانهن گسٽا اڳواڻ ۽ جي ايم ابڙو جو وڪيل ضمانت جا ڪاغذ کڻي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل پهتا جتي ضروري ڪاروائي بعد جيل انتظاميه کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان جيل انتظاميه ٻڌايو ته جي ايم ابڙو جي ضمانت عدالت منظور ڪري ورتي آهي جنهن ڪري کيس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آزادي بعد جيل ٻاهران وڏي انگ ۾ گسٽا اڳواڻن ۽ استادن جي ايم ايم ابڙو مٿان گلن جي ورکا ڪري کيس آزاديءَ تي مبارڪباد پڻ ڏني.