ارب پتي بڻجڻ لاءِ نينگري دنيا کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو، عمر قيد ٿيڻ جو امڪان

0
448

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) ارب پتي بڻجڻ لاءِ نينگري دنيا کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو، عمر قيد ۽ لکين ڊالرز ڏنڊ جي سزا ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا واسي 19 ورهين جي ايلزبيٿ هومز دنيا کي بيوقوف بڻائي ننڍي عمر ۾ ارب پتي بڻجي وئي هئي. ايلزبيٿ هومز جي ڪمپني ٿيرانوس رت جي ڪجهه قطرن سان سوين ٽيسٽ ڪري سگهڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، سندس ان دعويٰ سبب وڏين وڏين شخصيتن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين ٿيرانوس ۾ ڪروڙين ڊالر سيڙپڪاري ڪئي، آگسٽ 2015ع ۾ آمريڪي صحت واري اداري ايف ڊي اي ٿيرانوس بابت جاچ جي شروعات ڪئي هئي، جاچ دوران ايلزبيٿ هومز جي اها دعويٰ ڪوڙي نڪتي، ٿيرانوس جي ٽيسٽ نظام ۾ وڏين خامين جي نشاندهي ٿي جنهن بعد 2016ع ۾ هومز جي ليب ٽيسٽنگ تي پابندي لڳائي سندس ڪمپني کي سيل ڪيو ويو، 2018 ۾ ڪيس داخل ٿيو هو. ٻئي طرف ايلزبيٿ هومز 2019 ۾ ايونز هوٽل گروپ جي مالڪ جي 27 ورهين جي پٽ سان شادي ڪري فرانس منتقل ٿي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿيرانوس ٿوري وقت ۾ 9 ارب ڊالرز ڪمائي ورتا هئا، جڏهن ته ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي جنهن ۾ ايلزبيٿ کي 20 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملڻ جو امڪان آهي.