نوابشاهه/نوشهروفيروز/شهدادپور (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سڏ تي زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي شھيد بينظيرآباد پاران وفاق خلاف نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ شهداد پور ۾ ڌرڻا هنيا ويا. ان موقعي تي ناوبشاهه ۾ پ پ پ ڊيوزنل صدر ۽ سابق صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار، ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، بھادر ڏاھري، عاشق حسين زرداري، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته وفاق ۽ پنجاب صوبي سنڌ جي زرعي پاڻي تي ناجائز قبضو ڪري سنڌ کي سڪائڻ گھرن ٿا. ٻئي طرف نوشهروفيروز ۾ پ پ پاران شھر جي مک الله واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي جي اڳواڻي ايم پي اي ممتاز چانڊيو، پ پ ضلعي صدر فيروز جمالي، پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فاطمه شھناز انصاري، پ پ يوٿ جي مرڪزي اڳواڻ مسرور راڄپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڻي کوٽ جو ذميوار ارسا چيئرمين آھي جنھن پاڻي جي شديد کوٽ باوجود پنجاب ۾ غيرقانوني طور ڇنڊڻ واهه وھايا. هوڏانهن شهدادپور ۾ وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ خلاف جيالا روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ايم پي اي شاهد سلام ٿهيم، سرفراز راڄڙ، علي حسن هنڱورجو، جهانگير جوڻيجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته عمران نيازي ارسا جي چيئرمين کي استعمال ڪندي سنڌ جي حصي جو پاڻي بند ڪري صوبن کي هڪ ٻئي سان ويڙھائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.