لاڙڪاڻو/ڇاڇرو/مسو ڀرڳڙي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، لاڙڪاڻي، ڇاڇرو ۽ مسو ڀرڳڙي ۾ 24 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا، لاڙڪاڻي ۾ 18 ڄڻا رولو ڪتن کان ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شڪيلا خاتون، رياض علي، ارشاد، اعجاز ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي وارث کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي کين ويڪسين ڪئي وئي. ڇاڇري ويجهو مبارڪ رند ڳوٺ ۾ ٻن نوجوانن نصير محمد، يعقوب، 50 ورهين جي عورت سهيات، ڳوٺ جان محمد رند ۾ 15 سالن جي امير حسن ۽ ڇاڇرو شهر واسي 40 ورهين جي خميسو کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ ھوت مير جت ۾ رولو ڪتن پيرسن عورت ڪزبانو کي ڏاڙھي شديد زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته ڪتي جي حملي دوران مزاحمت تي عورت جي ٻانھن پڻ ڀڄي پئي.