صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ ٿمي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آيل پوليس اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن وچم جهيڙو ٿي پيو،ڏنڊا لڳڻ سبب 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، صالح پٽ پوليس موجب اسان گناهه نمبر 80 قلم 379 جي چوري ڪيس جي جانچ ۾ ڳوٺ ٿمي ۾ جوابدارن لال بخش شنباڻي ۽ ٻين جي گهر پهتاسي ته عورتون ۽ مرد وڙهڻ لڳا جنهن تي اسان بالا افسران کي اطلاع ڏنو جنهن بعد مختلف ٿاڻن کان پوليس گهرائي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورتن ۽ مردن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن دوران لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻه پوليس اهلڪار هيڊڪانسٽيبل غلام اڪبر دايو ۽ هيڊ ڪانسٽيبل محمد پنهل زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاء روهڙي تعلقي اسپتال نيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار وجهه وٺي ڀڄي ويا, صالح پٽ ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس آءِ پي جمالدين ڪڪڙو جي فرياد تي گناهه نمبر 81/2021 قلم 353,324, 147,148,149, 114 تحت لال بخش شنباڻي, مير شنباڻي سميت 15 مرد ۽ عورتن مٿان ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪيو آهي.