جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ڪوس گھر بڻجي وئي، ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب پوليس اھلڪار جي زال ۽ پورهيت جو نئون ڄاول ٻار فوت، عورت جي وارثن جو لاش کڻي وڃڻ کان انڪار، مک دروازي آڏو ڌرڻو. خبر موجب جمس اسپتال ۾ ڳوٺ احمد ميان سومرو جي رھواسي پوليس اھلڪار اسماعيل سومرو جي زال کي ڊليوري لاءِ داخل ڪرايو ويو، جيڪا فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻندي لاش کڻي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وارثن اسپتال انتظاميا خلاف مک دروازي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، عورت جي ڀاءُ پوليس اھلڪار راجا امام بخش سومرو دانھيندي چيو ته جمس اسپتال ۾ غير تجربيڪار عملو مقرر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ڀيڻ فوت ٿي، هن ٻڌايو ته عملي آپريشن جو چئي رت جو بندوبست ڪرڻ جو چيو، جنهن بعد رت جون ٻه ٿيلھيون ھٿ ڪري انتظاميا حوالي ڪيون پر عملي اها رت عورت کي نه لڳائي جنهن ڪري هوءَ فوت ٿي وئي، ھن چيو ته ڊاڪٽر ڀيڻ فوت ٿيڻ باوجود به اسان کي آسري ۾ رکي رت لاءِ ليبارٽري موڪلي پاڻ اسپتال مان کسڪي ويا، جڏهن اسان رت جي ھڪ ٻي ٿيلھي کڻي اسپتال پھتاسين ته ٻڌايو ويو ته اوھان جي ڀيڻ فوت ٿي وئي آهي. ھوڏانھن ساڳي ئي ڏينهن جمس اسپتال ۾ ڳوٺ احمد ميان سومرو واسي پورهيت محمد رحيم سومرو جي زال پٽ کي جنم ڏنو، جنهن کي اسپتال انتظاميا انڪيوبيٽر ۾ رکڻ بدران وارثن کي ڏنو، جنهن ڪري معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، پورھيت محمد رحيم سومرو دانھيندي چيو ته جمس اسپتال ۾ نااهل عملو مقرر ڪيو ويو آهي منهنجي معصوم پٽ کي انڪيوبيٽر ۾ داخل ڪرڻ بجاءِ ٻاهر ڪڍي ان جي جاءِ تي سفارشي جو ٻار انڪيوبيٽر ۾ رکيو ويو منهنجو نئون ڄاول پٽ منهنجي ھنج ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي ھن مطالبو ڪيو ته نااهل ڊائريڪٽر ۽ عملي جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.