اسلام آباد(شوبز نيوز) اداڪارا ثانيه سعيد چيو آهي ته اداڪار کي ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ جو فائدو ٿئي ٿو. هڪ انٽرويو ۾ سينئير اداڪارا ثانيه سعيد چيو ته اهو ضروري ناهي ته ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ وارو ئي ڪامياب اداڪارا هوندو آهي. دنيا ۾ ڪيترن ئي اداڪارن ٿيٽر ۾ ڪم نه ڪرڻ باوجود ڪاميابي ماڻي آهي. هن چيو ته ٿيٽر جو اداڪار اسڪرين تي وڌيڪ اعتماد سان پرفارمنس ڏيندو آهي جڏهن ته سندس ادائيگي ۾ پڻ بهتري هجي ٿي. هن چيو ته مون به اسٽيج تان ئي ڪاميابي ماڻڻ بعد اسڪرين تي قدم ڄمايا.