لاهور(شوبز نيوز) ڀلوڙ اداڪارا مهوش حيات اترين علائقن ۾ تفريح لاءِ پهچي وئي. تفصيل موجب صدارتي ايورڊ يافته اداڪارا مهوش حيات موڪلون ملهائڻ لاءِ اترين علائقن ۾ پهتل آهي ، گلگت بلتستان جي تفريحي هندن جو دور ڪري مزو ماڻي رهي آهي. ان حوالي سان مهوش حيات اسڪردو جي نظارن تي ڪڍيل تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن سندس چوڻ آهي ته قدرتي نظارا ۽ فطرتي خوبصورتي ڏسي سندس دل باغ بهار ٿي وئي آهي.