ڪراچي(شوبز نيوز) مزاحيا فنڪار ۽ ميزبان سلمان ثاقب عر ماني انڪشاف ڪيو آهي ته سندس زال حرا پنهنجي دوست کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي. هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت دوران ماني انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته 9 سال اڳ آئون، حرا ۽ سندس دوست ڪار ۾ وڃي رهيا هئاسين ته حرا کي سندس دوست چيو ته تنهنجو مڙس ته ڪاميڊين آهي. هن ٻڌايو ته حرا سندس اهو جملو ٻڌي ڳاڙهي ٿي وئي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍي بعد ۾ هن ڪار روڪي ان دوست کي گاڏي مان لاهي ڇڏيو.