ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا ڪنگنا رناوٽ کي پاسپورٽ لاءِ ٻيهر درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا ڪنگنا رناوٽ پاسپورٽ ري نيو ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڀارتي عملدارن پاسپورٽ ري نيوڪرائڻ کان انڪار ڪيو. عدالت سندس درخواست تي عملدارن کان جواب طلب ڪيو جيڪو جمع ڪرائڻ بعد عدالت اداڪارا کي پاسپورٽ ري نيو ڪرائڻ لاءِ ٻيهر درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.