ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي فائنل جي شرٽ نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ٽم سائوٿي 8 سالن جي ٻارڙي هولي جي علاج لاءِ شرٽ نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، فاسٽ بالر جي شرٽ تي ٽيم جي سمورن رانديگرن جون صحيحون ٿيل آهن. ٻڌايو پيووڃي ته ٻارڙي علاج جي فنڊز گڏ ڪري رهي آهي. هولي بيٽي کي جولاءِ 2018۾ ڪينسر جي هڪ خطرناڪ قسم جي تصديق ٿي هئي.