ادارن کي سياسي مقصدن لاءِ تڪراري نه بڻايو

0
186
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

توڙي جو انهي اهم اداري جي سربراهه جي مقرري اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي نه ئي ڪو نالو فائينل ٿيو آهي پر سڄي ملڪ ۾ جيڪو مانڌاڻ متل هو گهٽ ۾ گهٽ انهي مانڌاڻ ۾ ماٺ ضرور آئي آهي ڇاڪاڻ ته اهو بحث بند ٿي چڪو آهي ته اها سمري ايندي يا نه ايندي جي ايندي ته ان ۾ نالا ڪهڙا هوندا؟ ايستائين جو هڪ ٻن وزيرن ته انهي راءِ جو به اظهار ڪيو هو ته سمري اچڻ ضروري ناهي جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر سمري نه به اچي ٿي ته به وزيراعظم کي اهو اختيار حاصل  آهي ته ڪنهن جي به مقرري ڪري ڇڏي جيڪي انهي معيار تي پورو  لهن ٿا،پر انهي جي نوبت نه آئي ۽ وزيراعظم هائوس ۽ آءِ ايس پي آر اها تصديق ڪري ڇڏي ته سمري اچي وئي آهي ۽ انهي ۾ ڇهه سينئر جنرلن جا نالا آهن جن مان هڪ آرمي چيف ۽ هڪ جوائنٽ چيفس آف ڪميٽي جي چيئرمين جي چونڊ ٿيڻي آهي جنهن کانپوءِ ئي وايو منڊل تبديل ٿيندي ۽ هيجان واري ڪيفيت ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي جيڪا بهرحال ملڪي نظام،سياست ۽ معمول جي ڪاروهنوار لاءِ بهتر ڳالهه آهي.

اڳوڻي وزيراعظم کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ کانپوءِ ملڪ لڳاتار هڪ اهڙي ڪيفيت ۾ هلي رهيو آهي جتي ڪا خبر نه ٿي پوي ته ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ ڇا ٿيندو جنهن جي ڪري ملڪ نه رڳو سياسي بحران ۾ ورتل نظر اچي رهيو آهي پر ان جي معاشي حالت به بهتر ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي، جنهن جو اظهار هڪ ٻه ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اهو چئي ڪيو ته سياسي غير يقيني ۽ سياسي عدم استحڪام سبب ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم نه پيو ٿئي جڏهن ته ان جي اصل قيمت ذري گهٽ 200  رپيا في ڊالر کان به گهٽ هجڻ گهرجي.اهو سڀ ڪجهه انهي سياسي عدم استحڪام جو نتيجو آهي جيڪو لاٿل وزيراعظم جي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيو جنهن پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ کي عالمي سازش ڪوٺي مارچ شروع ڪيو ۽ اسيمبلين ۾ به نه ويهڻ جو اعلان ڪيو ۽ اسٽيبلشمينٽ تي الزام هنيا.اڳوڻي مارچ جي ناڪامي کانپوءِ ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيو لانگ مارچ شروع ڪيو ويو ۽ انهي جو وقت اهو رکيو ويو جڏهن اهم اداري ۾ هڪ اهم تقرري ٿيڻي هئي جنهن تي حڪومت کان وٺي اڪثر تجزيئي نگارن جو اهو خيال ۽ راءِ هئي ته انهي مقرري تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ لانگ مارچ جو اهو وقت چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته عمران خان پاڻ به اهو چئي ته هن حڪومت کي اها اهم مقرري نه ڪرڻ گهرجي ڄڻ ته انهي الزام جي تصديق ڪري رهيو هو. جڏهن ته معمول جي انهي مقرري لاءِ سمري ۾ دير سبب افواهه فيڪٽري کي به موقعو ملي ويو ۽ هر ڌر پنهنجي سياسي راند شروع ڪري ڇڏي ۽ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهي سڄي صورتحال ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿي رهيو هو اهو ملڪي معيشت ۽ نظام جو ٿي رهيو هو جيڪي ڄڻ ته جام ٿي چڪا هئا ۽ انهي معاملي کانسواءِ ڄڻ ملڪ ۾ ٻيو ڪو مسئلو ئي نه بچيو هو جنهن تي حڪومت ،مخالف ڌر ،سياسي ڌريون ايستائين جو ميڊيا  ڌيان ڏئي.ملڪ جي ڊيفالٽ جو خطرو ڏيکاريو پئي ويو،اڌ کان وڌيڪ ملڪ ٻوڏ هيٺ هو،مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري رهي هئي پر اهي سڀ مسئلا انهي هڪڙي مقرري جي بحث هيٺ گم ٿي ويا جنهن  معاملي تي ٻه ڏينهن اڳ سمري اچڻ کانپوءِ شايد مانڌاڻ ۾ گهٽتائي ٿئي.

اسان سمجهون ٿا ته وقت اچي ويو آهي ته معمول مطابق ڪاروهنوار هلڻ گهرجي ،معمول کان هٽڻ سبب ئي ملڪ ۾ هڪڙي هيجان جي ڪيفيت پيدا ٿي ۽ ڪجهه ڌرين پنهنجي مخصوص سياسي فائدي لاءِ ان ڪيفيت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو نقصان ملڪي معيشت ۽ نظام کي ڀوڳڻو پيو.هاڻي ته پي ٽي آءِ وارا به چون ٿا ته انهن کي ڪنهن شخص جي مقرري تي ڪو اعتراض نه آهي اصل مسئلو هن حڪومت جي ميرٽ جو هو.تنهن ڪري ضروري آهي ته سياسي ڌريون نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ڳالهين جا دروازا کولين ۽ پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ ادارن کي استعمال ڪرڻ يا انهن کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪن.