استاد مظھر ابڙو جون تعليمي ۽ سماجي جاڳرتا ۾ ڪردار !

 

اسان جيڪڏھن سنڌ جي سماج ۾ نوجوانن  جي لاءِ اتساھيندڙ ۽ سنڌ ڌرتي جي سورن دردن ۽ غريبن مسڪين ماڻھن جي دانھن ايوانن تائين پھچائڻ ۽ ھر ڏاڍ ظلم خلاف اٿاريندڙ آوازن جو ذڪر ڪنداسين ته انهن ڪردارن مان مظھر ابڙو به ھڪ آھي. مظھر ابڙو ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار ناول نگار شاعر ۽ ھڪ سٺو انسان ۽ ھڪ بھترين استاد ۽ مقرر به آھي، جنھن سماج ۾ ڏيئي جو ڪردار ادا ڪيو آھي، اونداھي ۾ روشني جي لاٽ ٻاري آھي. سندس تعلق ڪولاب جيئل سان آھي. مظھر ابڙو 25 اپريل 1972ع تي جنم ورتو. سندي ادب سان سندس گھرو تعلق رھيو آھي. ابتدائي تعليم سندس ڳوٺ ڪولاب جيئل ۽ انٽر خيرپور ڪامپري ھينسو ھاءِ اسڪول مان ڪئي ۔ ايم اي سنڌي ادب ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪئي ۽ وري ايم اي اڪنامڪس ۾ به 1993ع ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪئي. شوق سنڌي ادب سان ئي آھي ان ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار ٿيو. سنڌي ادبي سنگت ۽  سگا جو سرگرم ڪارڪن ۽ عھديدار به رھيو آھي. سندس تخليق لکيل شايع ٿيل 7  ڪتاب آھن 1. جيون اجاڙ رستا (ناول) 2. سرد خاني م رکيل خواب 3. خواب ۽ کوٽا سڪا  4.ڌرتي تي وکريل ٽانڊا 5.درد جي آس  6. خوابن جو سفر 7.سڪل نديءَ جا نشان (ڪھاڻيون). ھن وقت سنڌ سپرئير سائنس ڪاليج م پڙھائي رھيو آهي. نوڪري جي شروعات ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪرونڊي ۾ به خدمتون ڏنيون. کيس ڪافي سنڌي ادب ۾ ۽ ڪتابن تي مڃتا جا ايوارڊ به مليا آھن. قومي ايوارڊ  شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ  1997ع تي پاڪستان اڪيڊمي اسلام آباد مان حاصل ڪيو. کوب کوٽا سڪا 19 مارچ 2005 تي پاڪستان اڪيڊمڪ اسلام آباد مان حاصل ڪيو. سندس تعليمي ۽ ادبي خدمتن مان سندس  سوين شاگرد وڏن وڏن عھدن تي فائز آھن پاڻ پٽن سان گڏ  نياڻين کي تعليم جھڙي زيور سان نوازيو آھي. اڄ جي تعليم بابت مظھر ابڙو جي راءِ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ٻن اھم سيڪٽر تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي جنھن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي ھڪ تعليم ۽ صحت. اسان جي پرائمري تعليم تباھ آھي جنھن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي استاد ميرٽ تي کنيا وڃن. سنڌي مادري ٻولي صحيح طرح پڙھائي وڃي.  سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي ڄاڻ ڏني وڃي تاريخي ماڳن جي ڄاڻ ڏني وڃي. تعليمي ماحول کي ٺاھڻ ۾ حڪومت استاد ۽ والدين کي پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

وزير تعليم۽ سنڌ جي عالمن جي نانءُ ھڪ چٺي

 

سنڌ حڪومت طرفان ميوزڪ ٽيچر ۽ آرٽس ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري اعلان سان ساڃاهه وندن ۾ ته خوشي جي لھر پيدا ٿئي آھي پر ڪجھه عالم سڳوراحڪومت جي ان قدم کي بھتر نه سمجھندي ان ڀرتي جي مخالفت ڪري رھيا آھن. سندن چوڻ آھي ته حڪمران ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪري مغربي ملڪن جي پرچار ڪرڻ چاھين ٿا. موسيقي سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب ناھي جيڪڏھن سنڌ سرڪار اھو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت رد عمل ايندو. ھتي آءٌ انھن عالم سڳورن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته تعليمي ادارن اندر ميوزڪ ٽيچر جي ڪيتري نه اھميت آھي. 16 مئي 2011ع کان 03 فيبروري 2014ع تائين آءٌ مير شير محمد ٽالپر پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ پاڪستان اسٽڊي جو ليڪچرار رھيس. ان اداري ۾ ھڪ ميوزڪ ٽيچر به اسان سان گڏ ڪم ڪندو ھو. پاڻ روزاني جي بنياد تي اسڪول ۾ ٿيندڙ اسيمبلي ۾ شاگردن کي قومي ترانو ميوزڪ جي ڌن تي ڳارائيندو ھو. ان کان علاوہ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي حمد، نعت، بيت وغيرہ به بھترين انداز ۾ سيکاريندو ھو ۽ اسڪول ۾ ٿيندڙ تدريسي توڙي غير تدريسي پروگرامن ۾ شاگرد ٽيبلوز ۽ ٻيون ايڪٽوٽيز ميوزڪ جي مدد سان بھترين انداز ۾ پيش ڪندا ھئا. ان مان اوھين پاڻ اندازو ڪري سگھو ٿا ته ميوزڪ ٽيچر جي تعليمي ادارن اندر ڪيتري نه اھميت آھي. منھنجي ذاتي خيال مطابق عالمن کي ھن ڀرتي جي مخالفت نه ڪرڻ گھرجي. آءٌ وزير تعليم سنڌ کي مودبانه گذارش ڪندس ته ھن ڀرتي جي واضع پاليسي جوڙي ڪري اسڪول سائيڊ سان گڏوگڏ ڪاليج سطح تائين ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن ھن شعبي سان سلھاڙيل نوجوان برسر روزگار ٿي سگھن.

 

عبدالستار کوکر

لاوارث ٿرپارڪر جي عوام جو درد ڪير سمجھي!

 

ھر سال وانگر ھيل به برساتون ته مند تي جام وٺيون ۽ ھڪ مھينو مسلسل وسنديون رھيون ۽ ٿر جا ھاري ڏاڍا سرھا ٿيا ته ھن سال ورهيھ ڀلو آھي ججھا مينھن وٺا آھن آباديون کوڙ ٿينديون قرض لاھي وينداسين. تيل جو اگھ وڌڻ جي ڪري ٽريڪٽر وارن به اڳي وانگر ڪسر ڪا نه ڇڏي پنجويھه سئو رپيا في ڪلاڪ جي حساب سان کيڙي مسڪين ماروئڙن قرض کڻي جھٽي پٽي جيئن تيئن ٻج مھانگي ريٽ تي وٺي کيتر کيڙايا ته مالڪ مھربان ٻنين ۾ برڪتون موڪليندو اناج جام ٿي ويندا گوار في مڻ پنج هزار ٻاجھر پنجٽيھ سئو في مڻ موٺ چار ھزار رپيا في مڻ وٺي زمين ڀيڙو ڪيائون. پر رب جا راز آھن فصل مڙيئي جھڙا تھڙا ٿيا جنھن کي فقط گذران چئجي سو ٿيو. مٿان اگھ به واپارين پٽ سان ھڻي ڇڏيا. ٻاجھر في مڻ ٻه ھزار رپيا، في مڻ گوار به چار ھزار رپيا، ڪڏھن گھٽ ڪڏھن وڌ مارو ماڻهو سخت پريشان ٿي ويا. کاڌي پيتي جو شين جو اگھه آسمان سان پيو ڳالھيون ڪري. سنڌ سرڪار بلڪل بي خبر مسڪين ماروئڙن جي ڪير به واھر ڪونه ٿو ڪري. ھي غريب ڏڪارن جا ڏتڙيل دردن جي دانھن ڏين ته آخر ڪنھن کي ڏين! اسان سنڌ حڪومت کي گذارش ڪريون ٿا ته ٿر جي فصلن جو مناسب اگھه مقرر ڪري ٿرپارڪر جي عوام جي ڌڻيپ ڪري ۽ سستي دام تي ڪڻڪ جو ھينئر کان ئي بندوبست ڪري نه ته اڳتي ھلي ٿرپارڪر جون حالتون ويتر خراب ۽ بدحالي جو شڪار ٿي وينديون.

آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ڏهاڙي سومرا

مسڪين ماڻھو لاءِ اٽي جو مڻ وٺڻ تمام مشڪل لڳو پيو آهي غريب ھن دؤر ۾ گھنگھر ڏينھن گھاري رھيا آھن. غريبن جي حالت زار تي اکيون رت ٿيون رئن اسان جي حڪمرانن جي دلين مان الائي ڇو احساس ختم ٿي چڪو آهي. غريب لاوارث ھر طرف ھيسيل ۽ اداس اداس نظر اچي رهيو آهي. غريبن جا ڏيل ڏٻرا ٿي ويا آھن ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون آھن اھي ھڪ ويلي پنھنجي ٻچڙن کي سڪي ماني ڏاڍي مشڪل سان کارائين ٿا ته ھڪ ويلي فاقن تي گذارو آھي. خدارا ڪجھه غريبن لاءِ سوچيو ۽ انھن جي سار لھو.

 

باغي راشد ڪوٽڙيو/ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو ٿرپارڪر

موٽر وي ايم ۔6 ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۽ سياسي سسٽم

 

ڪجھه ڏينهن اڳ مٽياري ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد کي موٽروي۔ايم 6 رٿا ۾ ڪرپشن الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن کان بعد گذريل ڏينهن اوچتو خبر پئي ته ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم ڪجھه ڏينهن کان مسلسل غائب آهي. نه آفيس ۾ اچي ٿو نه ئي گهر ۾ موجود آهي ۽ سندس موبائيل نمبرن سميت سوشل ميڊيا تي سندس اڪائونٽ بند پيل آهن. جڏهن اها ڄاڻ ميڊيا تي آئي ته ضلعي اندر ٿرٿلو مچي ويو. جنهن کان پوءِ ستت ئي سنڌ سرڪار پاران ڊي سي نوشهروفيروز کي روپوش قرار ڏئي معطل ڪرڻ جو اعلان ٿيو ۽ کيس موٽروي۔ايم۔6 رٿا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ڄاڻائي ان جي جاچ لاءِ هڪ ڪاميٽي به جوڙي وئي جيڪا ستن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيندي ۽ ڊي سي تي موٽروي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري منصوبي بابت چارج شيٽ ۽ الزامن جا تفصيل به جلد منظر عام تي آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي به سندس خدمتون معطل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ڪجھه ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل ڊي سي مٽياري عدنان رشيد جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي کي ڊي سي عدنان رشيد جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيو آهي. هن جي آءِ ٽي کي ٻڌايو آهي ته ان رقم مان کيس گهٽ حصو مليو آهي پر اصل وڏي رقم سياسي ماڻھن کنئي آهي ۽ انهن کي ان رقم جو وڏو حصو ان ڪري ڏيڻو پيو، جو هو سياسي بنيادن تي پوسٽنگون ۽ بدليون ڪرائيندا آهن. هاڻي اصل ڳالھه آهي به اها جيڪا ڊي سي مٽياري عدنان رشيد جي آءِ ٽي سان ڪئي آهي. ان لاءِ اگر اسان 30 کان 40 سال پوئتي وينداسين ته اسان کي ملڪ جي اهم آفيسر شاهي جي ڪارڪردگي تمام بهترين نظر ايندي. اٽي ۾ لوڻ برابر ڪجھه آفيسر ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۾ ملوث نظر ايندا نه ته آفيسر ائين هن دؤر وانگر بي لغام قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث بلڪل نه هوندا هئا ۽ ان جي ڪري سڀ ادارا بهتر نموني ڪم ڪندا هئا پر جڏهن کان سياسي ماڻھن جي مداخلت شروع ٿي ۽ انهن سياسي ماڻھن جي چوڻ سان هر اداري ۾ مقرريون ۽ بدليون ٿيڻ لڳيون تنهن بعد آفيسر انهن سياسي پنڊتن جي اشارن تي هلڻ لڳا ۽ آهسته آهسته ڪرپشن ادارن کي اڏوهي جيان کائڻ لڳي ۽ هاڻي اوهان جنهن به اداري ۾ ويندئو اتي اوهان جو جائز ڪم به بنا پئسن جي نه ٿيندو ۽ ادارن ۾ ويٺل آفيسر ۽ سندن اسٽاف ڪنهن جي به شڪايتن دانهن جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته اها دانهن وڏي صاحب تائين ويندي جيڪو اڳ ئي پليل آهي ۽ ان کي ڪرپشن مان مليل پئسن جو حصو برابر ملي ٿو پيو ۽ وڏي صاحب کي پڪ هوندي آهي ته منهنجي جنهن سياسي ماڻھو مقرري ڪرائي آهي اها ڪير رد نه ٿو ڪرائي سگهي. ڇو ته اهو سياسي ماڻھو به ان سسٽم جو اهم حصو هوندو آهي ۽ ان سسٽم کي هر اداري مان ماهوار حصو ان سياسي ماڻھو معرفت برابر ملڻ جا پڻ اطلاع آهن، ان لاءِ وفاقي حڪومت وفاقي انويسٽيگيشن ادارن کي گهرجي ته سرڪاري ڪامورن سان گڏوگڏ سياسي ماڻھن خلاف به جاچ ڪن ۽ سڄي سنڌ صوبي کي ڪرپشن جي آڙاه ۾ ڌڪي سڀني ادارن جو سڄو ڪاروهنوار ڪرپشن تي هلائيندڙن کي منظرعام تي آڻي انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري کين سزائون ڏيارين ته جيئن ڪرپٽ زده ادارا ان ناسور مان نڪري پهرين وانگر صاف شفاف نموني ڪم ڪن ۽ عوام جو جائز ڪم بنا ڪنهن رشوت ۽ سياسي سفارش تي ٿئي ۽ عوام ڪو سک جو ساهه کڻي.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

جونيئر! جو نعرو ۽ عوامي اميدون

 

تازو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيندڙ هڪ ويڊيو ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو ته اڳوڻي وزيراعظم جو پوٽو، مير مرتضيٰ جو پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کدڙن فقيرن پاران رٿيل سنڌ مورت مارچ ڪراچي ۾ شرڪت دوران جيئي ڀٽو جا نعرا لڳڻ وقت جذباتي ٿي وڃي ٿو. مائيڪ واري ڏانهن وڃي کائنس مائيڪ وٺندي نعرو هڻي ٿو، ته جيئي ڀٽو کي ڇڏيو جيئي عوام، مظلوم عوام ئي سنڌ جو وارث ۽ مان اڪيلو ڀٽي جو وارث آهيان. ٻن ڏهاڪن جي عرصي ۾ پيپلزپارٽي ڀٽي جي نالي تي جيڪو عوام سان قهر ڪيو آهي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اهو واضح ڪري ٻڌايو، ته نه اصل ڀٽو ۽ ڀٽي خاندان جو وارث مان آهيان، ٻيو ڪوبه ڀٽي خاندان جو وارث ناهي.  جونيئر جي انقلابي انداز ۾ لڳل نعري سوشل ميڊيا توڙي سياسي حلقن ۾ بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. وڏي انگ ۾ نوجوان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي نعري جِي آجيان ڪندي، سوشل ميڊيا تي سندس ڳالھايل لفظن کي مان بخشي پوسٽون شيئر ڪن ٿا. ڪجھه نوجوان کيس مير مرتضيٰ جو ٻيو روپ ۽ سنڌ جو باهو بلي چون ٿا. سياسي حلقي ۾ ڇڙيل بحث ۾ اهو چيو پيو وڃي ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مستقبل ۾ ملڪ سميت عوام لاءِ هڪ انقلابي اڳواڻ طور سامهون ايندو، اڳ ئي عوام جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ڀيڻ عالمي سطح جِي ليکڪا فاطمه ڀٽو مان مستقبل جي مضبوط اڳواڻن جِي اميد رکي ويٺا هئا. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي چيل لفظن محلن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي آهي، عوام کي نئون اتساھ مليو آهي، ته هاڻي عوام کي مان ملندو….!!

 

عامر ڪلھوڙو/ نصيرآبادي

 

پاڪستان۔ افغانستان  چمن بارڊر ۽ باب دوستي جو سلسلو ڇا آھي ؟

 

پاڪستان ۔ افغانستان، چمن بارڊر تان ٻه ٽرڪون ٽماٽن بصرن جون پاڪستان پھچن ٿيون ته ٻه ٽرڪون افغاني لوڌ جون به پھچن ٿيون. ملڪ جي تباھي جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، پر انھي ۾ اھم سبب ويساھ گھاتي، غداري ۽ ڌارين قومن جي پٺڀرائي ڪرڻ آھي. جيڪو ڪم پاڪستان جا حڪمران، ذميوار ادارا ۽ اعليٰ آفيسر ڪاروبار سمجھي ڪري رھيا آھن. پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي  چمن ۾ پاڪ ۔افغان بارڊر تي لاتعداد افغاني پناھگيرن جو  پاڪستان طرف پيادل سفر مستقبل قريب ۾ پاڪستاني قوم لاءِ شديد خطرناڪ ۽ سنگين نتيجا ڏيندڙ بڻجي ويندو. ھي سلسلو بعد ۾ ملڪي معيشت، قومي تھذيب ۽ ترقي جي راھ ۾ پڻ وڏي رڪاوٽ بڻجندو. جيئن ته  مختلف قومن جي پنھنجي پنھنجي روايت ۽ سماجي زندگي جا اصول آھن، جيڪڏھن پاڪستان کي به گھڻ قومن يعني پناھگيرن کي بنيادي سھولتون ۽ سرپرستي ڏيندڙ ملڪ بڻايو ويو ته پوءِ  ملڪ جي تھذيب ۽ تمدن تي تباھه ڪندڙ اثر پوندا ۽ ملڪ تنزلي ۽ تباھي طرف ھليو ويندو. جيڪڏھن افغاني پناھگيرن جي سرعام آمدرفت جي سلسلي کي بروقت نه روڪيو ويو ته ملڪ جي اقتصادي ترقي، زراعت، صنعتي پيداوار، ثقافت، ٻولي ۽ تعليم پڻ شديد متاثر ٿيندي. پوءِ پاڪستان جي ڳڻپ ترقي يافته ملڪن ۾ نه ٿي سگھندي.

 

نويد خان سومرو

 

عوام پڇڻ ٿو چاهي عشرزڪوات جي وزير ۽  سيڪريٽري کان

 

اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته خلافت حضرت عمر فاروق رضه  الله تعاليٰ عنه جي دور ۾ مديني ڏڪار آيو، انهي وقت حضرت عمر فاروق رضه الله تعالي عنه اعلان ڪيو ته آئون ڏڪار دوران گوشت کير ۽ سڻڀي ماني نه کائيندس ۽ پوءِ پاڻ سڪل ٽڪر کائيندا هئا ۽ هر هڪ ماڻهوجو وظيفو به مقرر ڪيو هئائون. هڪ ڏينهن پاڻ ڪنهن سفر کان واپس آيا پئي،  ته رستي ۾ رات  ٿي وئي پاڻ اتي قيام فرمايائون. هتي ڀر ۾ ڪنهن گهر مان ٻار جي روئڻ جو آواز پيو اچي، جڏهن پڇاءِ ڪيائون ته هڪ عورت چيو وقت جي خليفي وڏن جو ته وظيفو مقرر ڪيو آهي، پر ننڍن ٻارن جو وظيو مقرر ڪونهي ڪيو، انهي ڪري آئون ننڍڙي جو کير پئي ڇڏايان ته جيئن ان جو به وظيفو مقرر ٿئي، جڏهن اها ڳالهه حضرت عمر فاروق رضه الله تعالي عنه ٻڌي ته انهي وقت پاڻ ننڍن ٻارن جو به  وظيفو مقرر ڪري ڇڏيائون. هن وقت عوام جو سوال آهي ته حڪمرانن کي ته ٽي سال ٿي ويا آهن، توهان زميندارن کان عشر زڪوات وصول ڪيا، ڀلا عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪنهن جي مدد ڪئي اٿئو ڀلا، ڪنهن جو ماهانا وظيفو مقرر ڪيو اٿئو. حضرت عمر فاروق رضه الله تعاليٰ عنه  سڪل ٽڪر کاڌا، توهان انهي جي برابر ڪنهن صورت ۾ نٿا ٿي سگهو، پر عشر زڪوات جي پئسن مان ڪا هڪ عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪينسر جي ڪا اسپتال ئي ٺهرائي ڇڏيو، ته ڪنهن غريب جو  هتي علاج ته ٿئي. ڇا اڃا سنڌ بئنڪ کي هنن پئسن مان ڪو ٻيو ڪاروبار ڪرڻو آهي، توهان سوچيو زرداري صاحب يا نوازشريف صاحب يا عمران خان صاحب پنهنجي ذاتي ملڪيت مان عوام لاءِ ڪو فلاحي ادارو ڪا اسپتال ڪو فري لا ڪاليج ٺهرايو آهي؟ رڳو ڦرمار لڳي پئي آهي، خبر ناهي ڇا ٿيندو. روڊ رستا هڪ سال به نٿا هلن، سڀ جا سڀ ٽٽا پيا آهن، اسان رڳو مال ميڙڻ ۾ پورا آهيون. ڪجهه خدا جو خوف ڪيو، جن جا 20/20 گهر ڀاتي روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن، انهن جي دانهن اوهان تي قهر نه ڪيرائي. هن وقت جيڪا مهانگائي آهي اها اوهان جي عيشن عياشين جي بدولت آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، پوري سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻ ڪنهن کي چپل ڪنهن کي ٿڦڙون ٿيون لڳن، اها آهي اسان جي پياري سنڌ سان بيوفائي جي سزا.

 

صابو رونجھو / پٿورو

 

سنڌ، رشوت جو راڄ، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي خاموشي!!

 

موٽروي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري ۾ خردبرد وارو معاملو، سنڌ حڪومت ڊي سي نوشهروفيروز تشفين عالم کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو!! خبرون هزارين، لکين، ڪروڙين نه پر اربين روپين جي پس منظر ۾ اچي رهيون آھن پر اسان وٽ جانچ ڪندڙ ادارا ڄڻ ته خود به اهڙي عمل پٺيان لڳل آھن جيڪو روز جو معمول پڻ آھي ته اربين روپين جي ڪرپشن ٿي رهي آھي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي! ڪائي سزا ناهي! ڪروڙين اربين روپيا هڙپ ڪيو چند لکن روپين ۾ ضمانتون وٺو ڪهڙو فرق پوندو؟؟ اهڙي قسم جا کوڙ سارا جملا روز عام ڪچھرين کان ويندي ڪامورڪي ڪرپٽ سسٽم ۾ واڄٽ ڪيو پيا وڄن. ڪو داد فرياد ڪونهي؟ ڪو ٻڌڻ ۽ ورنائڻ وارو ڄڻ ته آھي ئي ڪونه. وڪيل وڪامن ٿا، ڪاميٽيون وڪامن ٿيون انصاف وڪامي ٿو !! جهڙا به جملا ڪورٽن ٻاهران، ڪيفي ٽيرياز ۾ ۽ ڪرپٽ مافيا جي محفلن ۾ عام طور ٻڌا وڃن پيا پر احتساب ڪندڙ ذميوار ڪردارن کي ڄڻ ته ڪو نانگ سنگهي ويو هجي!! ڪو ڪک چڙھي ويو هجي؟ مجال آھي جو ٻڙڪ ڪڇن! نوشهروفيروز ڊي سي وارو ۽ مٽياري ڊي سي ڪرپشن ڪيس متعلق مليل ڄاڻ کان پوءِ ڪيئي سوال ڪر کڻي بيهن ٿا ته بالآخر هي ذميوار حڪمران چونڊيل نمائيندا ڪن ڇا پيا؟ اصولن ته ٿيندو ايئن آھي ته جيترو وڏو ڪيس هوندو آھي ان حساب سان پڪڙ ڌڪڙ يا جانچ به اهڙو ئي ذميوار ادارو يا سندس عملدار پڻ ڪندو آھي پر هتي جيڏو وڏو ڪيس هوندو ان کي ايترو ئي ننڍو آفيسر ڏيندا يا اهڙو ادارو سامهون ري ايڪشن ڏيندو جو سڀاڻي هو ان ڪيس کي اصولن منهن ئي نه ڏئي سگهي. اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا  ڪرپشن اسڪينڊل ڄڻ ته روز جو معمول بنجي ويا آھن جن کي ٻنجو اچڻ کپي، نه ته سنڌ اسيمبلي پاران جوڙيل پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي انهن ڪيسن ۾ اڳتي اچڻ کپي ان جو اهو صوابديد يا اختيار ٺھي ٿو. هيڏين وئين خبرن جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ ته اک پٽڻ کپي.  باقي ڇا هي پي اي سي سنڌ فنڊز کائڻ ۽ سهولتن وٺڻ خاطر ٺاهي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ هن وقت تائين پنهنجي ٽينيوئر ۾ ڪو اهڙو ڀلو عمل ناهي ڪري سگهي جيڪو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو هجي يا ٿيڻ جوڳو پڻ هجي. اسان سنڌ حڪومت ۽ احتساب ڪندڙ ادارن سميت پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ اسيمبلي کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي درسگاهن، يونيورسٽين، لوڪل گورنمنٽ ۽ ٻين کوڙ سارن ادارن سميت موجوده برسات ۽ ٻوڏ متاثرن بابت آيل فنڊن ۾ ڪروڙين نه پر اربين روپين جي ڪرپشن ٿي رهي آھي کي بنجو ڏنو وڃي، جي نه ته هي ادارا ۽ عوام انتهائي ڪسمپرسي واري صورت ۾ اچڻ کان پوءِ بگڙيل حالت ۾ سڌرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو.!!

 

رحمت الله ٻرڙو