اڄ کان معاملا سڌا ٿيندا يا ڇڪتاڻ وڌندي؟

0
184
اڄ کان معاملا سڌا ٿيندا يا ڇڪتاڻ وڌندي؟

ڪالھ شام دير سان پوڻين ڇهين وڳي ڌاري ڪالم لکڻ شروع ڪيو ته ان وقت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا   راولپنڊي ۾ شهيدن جي ڏينهن جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪجھ ڏينهن اندر مدت مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف تقريب اهم ترين مامرن تي خيالن جو اظهار ڪيو آھي “ريڪوڊڪ جو مامرو هجي يا ڪارڪي جي جرماني جو مامرو ايف اي ٽي ايف جا نقصان هجن يا فاٽا کي ڪي پي  ۾ شامل ڪرائڻ، قطر کان سستي گيس جي فراهمي هجي يا دوست ملڪن کان قرضن جي فراهمي هجي فوج هميشه پنهنجي مينڊيٽ کان وڌي قوم جي خدمت ڪئي آھي ۽ انشاء الله ڪندي به رهندي.”  آرمي چيف جي تقرير جا اهي نقطا ته پنهنجي جاء تي اهم ان ڪري به آھن جو جيڪي مامرا سياسي دائري ۾  هجڻ گهرجن انهن ۾ به فوج پاران ڪردار ادا ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي اهو ڪردار فوج کي ڇو ادا ڪرڻو پيو ان تي بحٽ ٿي سگهي ٿو پر آرمي چيف انهن ڳالهين کان به وڌيڪ اهم ڳالهيون خطاب ۾ ڪيون آھن. هتي ڪجھ حقيقتون درست ڪرڻ چاهيان ٿو “سڀ کان پهريان ته اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ فوجي نه پر سياسي ناڪامي هئي. وڙهندڙ فوجين جو تعداد 92 هزار نه پر 34 هزار هو اسان جي 34 هزار جوانن جو مقابلو اڍائي لک ڀارتي فوج، ٻه لک تربيت يافته مڪتي باهني سان به هيو ” آرمي چيف پاران  بنگلاديش ۾  ٿيل ناڪامي کي سياسي ناڪامي قرار ڏيڻ تي به ڊگهو بحث ٿي سگهي ٿو ان مامري تي لکڻ شروع ڪيو ته هي سمورو ڪالم ان موضوع تي ئي پورو ڪرڻو پوندو، ان ڪري في الحال ان موضوع کي اتي ڇڏي اوهان کي ٻڌايان ته ڄاڻايل تقريب ۾ آرمي چيف ملڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي. ” پاڪ فوج  تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي آھي

منهنجي نظر ۾ ان جو وڏو سبب 70 سالن کان پاڪ فوج پاران مختلف صورتن ۾ سياست ۾ مداخلت ڪرڻ آھي جيڪا مداخلت غير آئيني آھي ان ڪري گذريل سال فيبروري ۾ فوج وڏي سوچ ويچار بعد فيصلو ڪيو ته فوج آئينده ڪنهن سياسي مامري ۾ مداخلت نه ڪندي، يقين ڏياريان ٿو ته اسان ان فيصلي تي سختي سان ڪاربند آھيون ۽ آئينده به رهندا سين پر ان آئيني عمل جي آجيان ڪرڻ بجاء ڪجھ حلقن فوج کي شديد تنقيد جو نشانو بنائي غير مهذب ۽ غيرشائسته ٻولي استعمال ڪئي ” آرمي چيف پاران  گذريل ستر سالن کان فوج جي سياسي مامرن ۾ مداخلت جو اعتراف انتهائي اهم تاريخي تصديق آھي. فوج جي سربراه پاران فوج تي ٿيندڙ تنقيد جو سبب سياست ۾ مدخلت کي قرار ڏيڻ وارو اعتراف به اهم  آھي ڪاش اها  سوچ گهڻو وقت اڳ فوج ۾ پيدا ٿئي ها ته ملڪ اندر حڪومتن ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جو اڄ سياسي ميدان ۾ شايد نالو نشان ئي نه هجي ها پر فوج جي سياسي مامرن ۾ مداخلت اهڙن ماڻهن لاء اقتدار جا رستا آسان ڪيا. ظاهر آھي جيڪي آسان ۽ شارٽ ڪٽ رستي سان اچڻ جا عادي رهيا آھن يا جيڪي انهي آسان رستي سان اقتدار ۾اچڻ جا خواهشمند آھن انهن کي فوج جو غير سياسي ٿيڻ ڪيئن پسند ايندو،

اهڙن ماڻهن جا ته سياسي دڪان بند ٿيڻ جو خطرو آھي فوج جي سربراه پاران ڪرايل خاطري تحت فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي تي ايندڙ وقت ۾ به عمل پيرا رهي اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪرايل خاطري  تي ڪيتري سختي سان عمل ٿئي ٿو پر انهي تقريب ۾ آرمي چيف عمران خان جي ان بيانيي ته منهنجي حڪومت غيرملڪي سازش تحت هٽائي وئي بابت به خيالن جو اظهار ڪندي چيو آھي ته ” هڪ جعلي ۽ ڪوڙو بيانيو ٺاهي ملڪ ۾ هيجان پيدا ڪيو ويو هاڻي ان ڪوڙي بيانيي تان راه فرار اختيار ڪئي پئي وڃي سول ملٽري قيادت کي غير مناسب لقبن سان پڪاريو ويو جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪا غيرملڪي سازش ٿئي ها ته ڇا پاڪ فوج هٿ تي هٿ رکي  ويهي رهي ها ? اهو ناممڪن آھي” آرمي چيف جي تقرير جا ڪجھ حصا هت ڏيڻ جو مقصد اهو آھي ته ان سان فوج جي قيادت عمران خان ۽ ان جي بيانيي بابت ڇا ٿي سوچي ان بابت به چٽائي ٿي رهي آھي ته آئين تي عملدرآمد جا عزم به ظاهر ٿي رهيا آھن. انهي فوج جي سربراه جي مقرري ٿيڻي آهي نه رڳو آرمي چيف جي عهدي تي مقرري ٿيڻي آھي پر چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي عهدي تي به مقرري ٿيڻي آھي جن ٻنهي عهدي تي مقرري لاء پاڪ فوج جي ڇهن سينيئر ترين جنرلن جي نالن تي ٻڌل سمري دفاع وزارت وزير اعظم کي موڪلي  آھي جنهن سمري جي ملي وڃڻ جي تصديق به وزير اعظم هائوس پاران ڪئي وئي آھي سمري ۾ موجود جيڪي نالا سامهون آيا آھن انهي بعد اهي افواهه ته پنهنجي موت مري چڪا آھن ڇو ته جنهن جنرل بابت چيو پئي ويو ته ان جو نالو شامل نه هوندو ان جو نالو موڪليل سمري ۾ موجود آھي انهي ئي جنرل لاء چيو پيو وڃي ته نواز شريف ان کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جي حق ۾ آھي

ان کانسواء ان جنرل جو به نالو شامل آھي جنهن بابت ڪجھ حلقا چوندا رهيا آھن ته ان کي اڳوڻو صدر آصف زرداري فوج جو سربراه مقرر ڪرڻ جي حق ۾ آهي جيتوڻيڪ فوج ۾ مقرري بابت سمري به اچي وئي آھي پر افواهن جو سلسلو اڃان بند نه ٿي رهيو آھي. اسلام آباد ۾ اهي افواهه هلي رهيا آھن ته وزير اعظم جي ان حوالي سان سمري صدر پاڪستان روڪي سگهي ٿو، ڇو ته ان مٿان عمران خان جو وڏو دٻاء آھي. آئين جي آرٽيڪل 48 تحت صدر کي اهو اختيار حاصل آھي ته صدر وزير اعظم کي ٻيهر غور ڪرڻ لاء چوي، صدر  اهو اختيار استعمال ڪرڻ جو فيصلو نٿو ڪري ۽ اماڻيل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي ٿو ته پوء ته ڪو وڏو سياسي مانڌاڻ مچڻ جو امڪان گهٽ آھي پر جيڪڏهن صدر سمري کي روڪيو ته پوء ملڪ اندر سياسي ماحول وڌيڪ ڪشيده ٿي ويندو ۽ پوء اهو مقرري جو مامرو سپريم ڪورٽ تائين به پهچي سگهي ٿو.

خدا ڪري اهي افواهه ئي هجن ۽ مامرو ان طرف نه وڃي پر جيڪڏهن مامرو ان طرف ويو ته ڇا ان کان ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو ته آرمي چيف جي مقرري بابت اختيار وزير اعظم جو آھي. ماضي ۾ به اڪثر طور سينئر ترين جنرل کي مقرر نه ڪيو ويو آھي سينئر ترين کي مقرر ڪرڻ جو ڪوقانون نه آھي ان ڪري ماضي ۾ به وزير اعظمن مرضي موجب مقرريون پئي ڪيون آھن. ڇا ان حوالي سان قانونسازي پارليامينٽ مان ٿيڻ کانسواء ڪا نئين روايت پيدا ڪئي ويندي، بحرحال اڄ خميس جي ڏينهن اهم مقررين بابت حڪومتي فيصلو سامهون اچي ويندو ان فيصلي جي سامهون اچڻ سان اهو واضح ٿي ويندو ته مامرو ڪيترو سنگين يا آسان ٿيڻ وڃي رهيو آھي. ان فيصلي سان اهو به معلوم ٿي ويندو ته عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ اچڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آھي ان جي اچڻ دوران احتجاجي حڪمت عملي جي نوعيت ڇا هوندي. مامرا ايترا خراب ٿيل نظر اچي رهيا آھن جو سياسي ڇڪتاڻ کي ٻنجو ايندي نظر نٿو اچي پر اهو نظر اچي رهيو آھي ته عمران خان جي پارٽي وري پارليامينٽ ۾ واپس اچي سگهي ٿي يا جلدي چونڊ ڪرائڻ لاء پنجاب , ڪي پي اسيمبلي به ٽوڙي سگهي ٿي. بحرحال هاڻي سياسي ڌرين ۾ ضد اهو آھي ته هڪ ڌر جي مرضي آھي ته فوري چونڊون ٿين جيئن پنهنجي سياسي مقبوليت جو فائدو وٺي وري اقتدار حاصل ڪيو وڃي. ٻي ڌر سمجهي ٿي ته هن وقت چونڊون انهن جي سياسي مفادن ۾ نه آھن انهن ڌرين جي نئين مقرري بابت به پنهنجون پنهنجون اميدون وابستا آھن جيڪڏهن اسان اسٽيبلشمينٽ کان سياسي مقصدن لاء  اميدون رکون ٿا ته پوء ان جي غير سياسي ٿيڻ جي توقع ڪيئن رکي وڃي ٿي  آخر ۾ اهو ورجائڻ چاهيان ٿو ته اڄ جو ڏينهن ان عمل کي چٽو ڪندو ته ملڪ ۾ سياسي ڌماچوڪڙي ۾ اضافو ٿيندو يا مامرا استحڪام طرف ويندا. اهو به واضح ٿي ويندو ته اهم عهدن تي مقرري پرسڪون انداز ۾ ٿي ويندي يا اهو مامرو ڪو نئون رخ اختيار ڪندو اڄ جو ڏينهن ان ڪري سياسي ماحول جي پيشنگوئي لاء اهم ڏينهن ٿي سگهي ٿو بشرط ته مقرري بابت فيصلو واضح طور سامهون اچي وڃي.

سوال هي به آهي ته جيڪڏهن اهم عهدن تي مقرري پرسڪون انداز سان ٿي به وڃي ته ڇا ان کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي صورتحال ڪنهن هڪ طرف ٿيندي يا نه؟ ان سوال جو جواب اهو آهي ته ملڪ اندر نئين عام چونڊ ۾ هاڻي ٿورو وقت ئي باقي بچيو آهي، جنهن ڪري سڀني پارٽين کي هاڻي چونڊن جي تياري ڪرڻي آهي، چونڊن جي تياري وارن مهينن ۾ سياسي صورتحال ٿڌي هجي اهو ٿي نه ٿو سگهي، پر ان باوجود اهو سوال پنهنجي جڳهه تي انتهائي اهم آهي ته پاڪ فوج جي نئين قيادت جي سوچ ۽ پاليسي ڇا هوندي؟ ڇا اها ان سوچ کي اختيار ڪري اڳتي وڌندي جنهن سوچ جو اظهار رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف ڪري چڪو آهي، منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم مامرو به اهو ئي آهي ڇو ته پاڪ فوج جي پاليسي پنهنجي پنهنجي رهي آهي. هن وقت عمران خان به موجوده سياسي ڌرين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان اڄ به نيوٽرلز سان ڳالهائڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ ان بابت هو مسلسل اظهار به ڪندو رهيو آهي، باقي جيڪي ماڻهو اهو سوال اٿارين ٿا ته جن اهم عهدن تي هتي مقرري ٿي رهي آهي ٻين ملڪن ۾ انهن عهدن تي ٿيندڙن مقررين وقت اهڙي صورتحال پيدا ڇو نه ٿي ٿئي، انهن سوالن جو سادو جواب اهو آهي ته هڪ ته انهن ملڪن ۾ سياسي ماحول، آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جو عنصر ائين نه ٿيڻ ۾ اهم جز آهي، اسان وٽ جن عهدن تي مقرري ٿيڻ وڃي رهي آهي انهن عهدن جو ملڪي سياست ۽ اقتدار ۾ ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي، هاڻي ته سياست ۾ 70 سالن تائين فوج جي مداخلت کي تسليم  رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف به ڪري چڪو آهي جنهن ڪري ان اداري مٿان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ايئن به ناهي ته اسٽيبلشمينٽ جي غير سياسي ڪردار بابت ڪو پهريون ڀيرو رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف ذڪر ڪري رهيو آهي، اهڙو ذڪر پهريان به ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ٿئي ٿو،پر ڏسڻو اهو آهي ته ٿيندڙ ڳالهين تي عمل ڪيترو ٿي رهيو آهي؟