صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) احمدپور ۾ اسڪول انتظاميا ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. احمدپور جي ريٽي، ڪولاچي، خواجه، ملاح ۽ ميمڻ پاڙي جا متاثرين دربدر ٿي ويا. ٻن مهينن کان ڪنهن ڪنهن به سار نه لڌي. اجها ڊهڻ کان پوءِ اسڪول ۾ پناهه وٺندڙن کي ڪڍيو ويو. احمدپور جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن دانهيندي ٻڌايو ته ٻن مهينن کان گهرن اندر ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺل آهي. ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. اجها نه هجڻ ڪري اسڪول ۾ پناهه ورتي، جتان پڻ ٻار پڙهائڻ جو جواز ڄاڻائي ڪڍيو ويو آهي. ڪنهن به قسم جي سهولت نه هجڻ سبب عورتون ۽ ٻارڙا سخت اذيتن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کين اجها ميسر ڪري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.