ممبئي(شوبز نيوز)ڀارت جي ناليواري اداڪار اجي ديوگن ۽ سڌارت ملهوترا جي فلم ٿينڪ گاڊ به انتهاپسند هندن جي ور چڙهي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم لال سنگهه چڍا ۽ عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي فلم براهمسفر کانپوءِ هاڻي هندو انتهاپسند اجي ديوگن جو ٻيڙو ٻوڙڻ جي ڪڍ پئجي ويا آهن. ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ هڪ هندو گروپ طرفان اجي جي فلم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪرناٽڪا ۾ فلم ٿينڪ گاڊ جي هدايتڪار اندرا ڪمار سميت فلم جي سڄي ڪاسٽ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي