ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار انيل ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڪيريئر جي شروعات ۾ جيڪي شروف مان خطرو هوندو هو. ورن ڌون سان گڏ هڪ شو ۾ انيل ڪپور ڪيترائي انڪشاف ڪيا. هن انڪشاف ڪيو ته هو جيڪي شروف مان پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندو هو ڇو ته هو هڪ ٻاهريون ماڻهو هو ۽ سندس انڊسٽري سان ڪو واسطو نه هو. انيل ڪپور چيو ته جيڪي شروف فوري طور تي وڏو اسٽار بڻجي ويو هو ۽ آئون سائوٿ ۾ ڪم ڪري رهيو هيس ۽ سنجي دت ۽ سني ديول کي ڏسي حيران ٿيندو هئس ٻئي پاسي جيڪي شروف به وڏا ڪردار ادا ڪري رهيو هو. هن انڪشاف ڪيو ته جيڪي ماڻهن کي مجبور ڪندو هو ته هو مون کي آٽوگراف ڏين هو هڪ نرم دل انسان هو. ياد رهي ته انيل ڪپور ۽ جيڪي شروف رام لکن، تري مورتي ۽ ٻين سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو.