لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار جاني ڊيپ ۽ امبر هرڊ جي عليحدگي واري ڪيس تي ٻڌل فلم جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. جاني ڊيپ ۽ امبر هيرڊ جو بدنامي وارو ڪيس سڄي دنيا ۾ هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع رهيو آهي، جيڪو آخرڪار جاني ڊيپ کٽي ورتو ۽ پنهنجي اڳوڻي زال پاران لڳايل الزامن کان آجو ٿي ويو. انتهائي تڪراري بدنامي واري ڪيس تي ٻڌل فيچر فلم تيار ڪئي وئي آهي جيڪا 30 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي. امبر هيرڊ ۽ جاني ڊيپ جي مشهور هفتن واري آزمائش تي ٻڌل اها فلم ٽوبي اسٽريمنگ سروس تي نشر ڪئي ويندي، جتي اها مفت ۾ ڏسڻ لاءِ دستياب هوندي.