خانپور: ايس ايس پي شڪارپور ڪئپٽن رٽائرڊ فيضان خان پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڌرين ۾ ھلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ڇڏي آهي ۽ جھيڙي تي ضابطو آندو آھي واقعي واري علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آھي ۽ جتوئي برادريءَ جي سردارن ڊاڪٽرن محمد ابراھيم جتوئي ۽ مير عابد حسين جتوئي سان ڳالھايو آھي ته  ڌرين جو اڳ به فيصلو ٿيل آھي ٻيھر فيصلو ڪرائي عمل ڪرايو وڃي، جيئن وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي ۽ ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مارجي ويل رحم علي عطراڻي جتوئي ۽ سائينداد ڪمالاڻي جتوئي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل ۽ روپوش ڏوھاري ھئا، جڏھن ته عطراڻي ڌر جي ھٿياربندن پاران ڪمالاڻي جتوئين جي 3 ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪندي اعتراف به ڪري رھيا  آھن ۽ چيلينج به ڪري رھيا آھن.