خانپور:   اھڙي صورتحال ۾ علائقي جي سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آھي ته پوليس جي علائقي ۾  ڪا به رٽ موجود نه آهي، جنھن سبب علائقو قبيلائي تڪرارن جي ور چڙھيل آھي ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون قبيلائي تڪرارن جي ور چڙھي رھيون آھن ۽ علائقي ۾ سوين جريب زمينون غير آباد ٿي رھيو آھن ۽ اسڪول بند ۽ تعليم تباھ ٿي رھي آھي ۽ھن جديد دور ۾ به خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻارڙن جي ھٿن ۾ قلم جي بدران ھٿيار آهن، علائقي واسين قبيلائي تڪرارن ختم ڪرائي قانون رٽ بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.