اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججز بابت آڊيو ليڪس تي ڪميشن ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ڪميشن جي سربراهه سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پهريون اجلاس ٿيو، آڊيو ليڪس جوڊيشل ڪميشن ڪارروائي پبلڪ ڪرڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو، انڪوائري ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪو به حساس معاملو آڏو آيو ته اِن ڪئمرا  ڪارروائيءَ جي درخواست  جو جائزو  ورتو ويندو، جوڊيشل ڪميشن وفاقي حڪومت کان آڊيوز ۽ ٽرانسڪرپٽ 24 مئي تائين طلب ڪري ورتو آهي، آڊيوز جي تصديق لاءِ لاڳاپيل ايجنسي جو تعين ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي، ڪميشن جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن جي ڪارروائي فوجداري آهي نه ئي سپريم جوڊيشل ڪائونسل آهي، سمورين ڌرين سان عزت وارو رويو اختيار ڪيو ويندو، ڪميشن جي سربراهه جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پنجاب فرانزڪ ايجنسي سان رابطو ڪري سگهجي ٿو ،ايجنسي جو هڪ ماڻهو ڪارروائي دوران موجود هجي جيڪڏهن ڪير انڪار ڪري ته آواز جي تصديق ڪري سگهجي، ڪميشن وفاقي حڪومت کي اي ميل ايڊريس  ۽ سمورو مواد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪميشن جي سربراهه چيو ته جن ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه آڊيوز ۾ آهي انهن جا نالا ۽ ايڊريس فراهم ڪئي وڃي، جسٽس فائز چيو ته ڪميشن حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي اسان کي رڳو حقيقتن جي جاچ ڪرڻي آهي ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ناهي ڪرڻي، جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن نه ڪنهن جج خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي نه وري ڪندي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي دائري اختيار ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي، ڪميشن لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته نوٽيس وصول ڪرڻ جي ثبوت طور ان جي تصوير ڪڍي وڃي يا وري صحيح ورتي وڃي جسٽس فائز چيو ته سمورن شاهدن جي عزت ڪنداسين ۽ انهن کان به عزت جي اميد آهي، ڪميشن صرف نوٽيس جاري ڪندي ڪوشش هوندي ته سمن جاري نه ڪجي. اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ ڪميشن آڏو پيش ٿيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڪميشن ڪهڙي قانون تحت جوڙي وئي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ڪميشن انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 2016ع تحت جوڙي وئي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن جي ڪارروائي اسلام آباد بلڊنگ ۾ ٿيندي جن کان انڪوائري ڪرڻي آهي ته انهن ۾ وڏي عمر جون ٻه عورتون به شامل آهن جيڪڏهن درخواست آئي ته ڪميشن ڪارروائي لاءِ لاهور به وڃي سگهي ٿي، جڊيشل ڪميشن اٽارني جنرل کي ڪميشن لاءِ اڄ ئي موبائل فون ۽ سم فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،  جڊيشل ڪميشن  لاءِ فراهم ڪيل فون نمبر پبلڪ ڪيو ويندو، ڪميشن چيو ته عوام کان معلومات فراهمي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويندو ڪميشن جي ڪارروائي ڇنڇر تي ٿيندي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي هئي، سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 3 رڪني ڪميشن جو سربراهه ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نعيم اختر افغان ۽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڪميشن جا ميمبر آهن.