اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سوشل ميڊيا تي حڪومت ۽ فوج خلاف هلندڙ مهم کان پوءِ گهرو وزارت سرڪاري ملازمن جي حوالي سان به ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن به سياسي جماعت جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ذريعن موجب گهرو زوارت ان سلسلي ۾ انٽيليجنس بيورو ۽ ايف آءِ اي کي ٽاسڪ به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ٽن مهينن ۾ رپورٽ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي ادارن جي تفصيلي رپورٽ کان پوءِ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، انهن ادارن ۾ سول ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا شامل آهن.